اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي متفقه طور تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پاڪ فوج خلاف ڏنل بيان تي مذمتي قرارداد منظور ڪري ورتي، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان هڪ ڏينهن پهريان جيڪا تقرير ڪئي آهي اها انتهائي خطرناڪ آهي، عمران خان مير صادق ۽ مير جعفر جو  مثال ڏئي ادارن کي نشانو بڻايو،  آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي هن شخص کي سختي سان نه روڪيو ويو ته ملڪ ۾ ڀونچال اچي سگهي ٿو، جمهوريت ختم ٿي ويندي، شام ۽ لبيا جهڙيون حالتون ٿي وينديون تفصيل موجب ڪالهه قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو، وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ايبٽ آباد جلسي کي ڪيل خطاب جو حوالو ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ جي چيئرمين ڪالهه جيڪا ڳالهه ڪئي آهي اها انتهائي خطرناڪ آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي تقرير ۾ سراج الدوله جي سپهه سالار مير جعفر ۽ مير صادق جو مثال ڏئي ادارن کي نشانو بڻايو، عمران خان قومي سلامتي جي اداري بابت جيڪو زهر اوڳاڇيو اهو ملڪ خلاف سازش آهي، هن چيو ته قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ان وقت جي آمريڪي سفير واضح طور تي چيو ته مون خط لکيو ته آمريڪي عملدار جي ٻولي ڌمڪي آميز هئي پر ان ۾ غداري ۽ سازش جو عنصر ڪٿان نڪري آيو آهي، هن چيو ته ڌمڪين جي ڳالهه ڪجي ته ڪيسينجر ذوالفقار علي ڀٽو کي ڇا چيو هو؟ نائين اليون کان پوءِ پهرين ڌمڪي ڏني وئي هئي، 1970ع ۾ يحيٰ خان کي روسي قيادت ڌمڪي آميز خط لکيو ۽ ٻيون ڳالهيون به ڪيون اگر ڌمڪي کي ورتو وڃي ته ڀارتي حڪومت جيڪي ڌمڪيون ڏيندي آهي ته ڇا اها سازش آهي؟ هن عمران خان جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته هن شخص اسان جي ادارن بابت سڌي ريت ڳالهايو آهي، وفاداري ۽ غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائي رهيو آهي، توڙي جو قومي سلامتي ڪاميٽي پنهنجي بيان جي آخر ۾ واضح طور تي چيو هو ته سازش بابت ڪو ثبوت يا نشان نه مليو آهي، عمران نيازي ڪالهه بدترين تقرير ڪئي آهي، اها قومي سلامتي جي اداري خلاف سازش آهي، اگر هن کي آئين ۽ قانون جي رستي ذريعي نه روڪيو ويو ته خدا نه ڪري ملڪ شام ۽ لبيا جي ڀيانڪ تصور بڻجي ويندو، جتي شهر قبرستان جو منظر نظر اچي رهيا آهن اتي لکين ماڻهو ماريا ويا، پاڪستان قربانين سان ٺهيو، اڄ عمران خان اقتدار ۾ ناهي، اهو ته لاڏلو هو، هو جنهن اداري خلاف ڳالهائي رهيو آهي ان کي ان اداري ٻارن وانگر کير پياريو، 75 سالن ۾ ان اداري ڪنهن به حڪومت ۽ وزيراعظم سان عمران خان جيترو تعاون نه ڪيو پر ان باوجود بدقسمتي سان عمران خان ڪارڪردگي نه ڏيکاري ۽ نه ئي قوم جي خدمت ڪئي، ان لاڏلي کي جيتري حمايت ملي ان جي 20 يا 30 سيڪڙو حمايت ڪنهن ٻئي کي ملي ها ته ملڪ جي ترقي جهاز وانگر اڳتي وڌي ها، اڄ اهو شخص چئي رهيو آهي ته مان نه کيڏندس نه ڪنهن کي کيڏڻ ڏيندس، هن کي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي سختي سان  نه ورتو ويو ته ملڪ ۾ ڀونچال اچي سگهي ٿو، هي ملڪ کي ان طرف وٺي وڃڻ ڇاهي ٿو جنهن طرف خدا نخواسته جمهوريت ختم ٿي وڃي ۽ اهڙو نظام اچي جنهن ۾ هر طرف گوڙ هجي، ان ڳالهه جو  ڀرپور نوٽيس ورتو وڃي، هي بي قابو ٿي ويو ته پوءِ ڪجهه نه بچندو، وزيراعظم چيو ته حقيقت اها آهي ته ساڍا 3 هفتا اڳ اسان جهرلو جي پيداوار حڪومت کان آئيني طريقي سان ملڪ مان جان ڇڏائي، اها حقيقت آهي ته ملڪ اندر بجلي پيداوار جا پلانٽ بجلي گهرج کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ موجود آهن پر اڳوڻي حڪومت ان لاءِ نه تيل، نه گيس گهرائي، دنيا ۾ جڏهن گيس 3 ڊالر في يونٽ هئي تڏهن به گيس خريد نه ڪئي وئي، اڳوڻي حڪومت ۾ تيل مافيا ڇانيل رهي، ملڪ کي اربين رپين جو نقصان پهچايو ويو، سردين جي موسم ۾ بجلي گهرن جي مرمت واري پاليسي تي به عمل نه ڪيو ويو، مالياتي خسارو  5 هزار 500 ارب رپيا ٿي ويو آهي جيڪو تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ خسارو آهي، مئي 2018ع تائين ملڪ مٿان جيڪي قرض هئا انهن قرضن ۾ 80 کان 85 سيڪڙو اڳوڻي حڪومت اضافو ڪيو، پر ان باوجود هڪ نئين سر به نه هنئي وئي، ڏينهن رات چور، ڊاڪو جو راڳ ڳائي قوم جو وقت ضايع ڪيو ويو،  جنهن کان پوءِ قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پاڪ فوج خلاف تقرير تي مذمتي قرارداد قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني مامرن جي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي پيش ڪئي، جنهن کي قومي اسيمبلي جي ايوان متفقه طور تي منظور ڪري ورتو، منظور ڪيل قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بيان جي شديد مذمت ڪري ٿو، جنهن ۾ هن تاريخي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪندي پاڪ فوج تي الزام لڳايا ۽ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن پاڪستان خلاف سازش ڪئي، منظور ٿيل قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج ملڪي سرحدن جو بنا خوف خطري جي دفاع ڪري رهي آهي ۽ ملڪي دفاع لاءِ بيشمار قربانيون ڏئي رهي آهي، سياسي مقصدن جي حاصلات لاءِ رياستي ادارن تي الزام تراشي ملڪي مفادن جي خلاف آهي.