ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ بدران ڌڪيندڙ حڪمران

0
151
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ڪنهن به ملڪ جو حڪمران ان ملڪ جي سمورن ماڻهن جو وڏڙو ليکيو ويندو آهي. ان ڪري ئي حڪمران تي تمام وڏيون ذميواريون رکيون ويون آهن. جيڪڏهن ڪو حڪمران پنهنجي عهدي کي ذميواري سمجهي ته پوءِ هو اهو اعلان ڪندو آهي ته جيڪڏهن فراط ندي جي ڪناري تي ڪو ڪتو به بکيو مري ويو ته سڀاڻي قيامت جي ڏينهن عمر جي گلي ۾ هٿ وجهي ان کان ان جو پڇاڻو ڪيو ويندو. جڏهن ته هو مال غنيمت ۾ مليل قميض جي ڪپڙي جو به سموري دربار ۾ حساب ڏيڻ جو پابند هوندو آهي ۽ هو ان لاءِ پنهنجي پٽ کي شاهد طور پيش ڪندو آهي ته هي جيڪا قميض پوري ٿيل آهي ان لاءِ ڪپڙو پنهنجي پٽ کي مليل حصي مان حاصل ڪيو ويو آهي. پر جيڪڏهن ان کي ڪو احساس نه هجي ته پوءِ اهو ٿيندو آهي ته ملڪ ڇا رياست جي سربراهه واري عهدي تي ويٺل حڪمران پاڻ ئي ملڪ کي بحران ۾ ڌڪي ڇڏيندو آهي. اسان جو ملڪ اهڙو بدنصيب آهي جو ڪنهن به دور ۾ ان کي ڪو سڪون نصيب نه ٿيو آهي.

ان جو اندازو موجوده سياسي صورتحال مان لڳائي سگهجي ٿو. ملڪ ۾ سياسي مانڌاڻ متل آهي جنهن جي رڪجڻ جو ڪو امڪان ئي نه آهي. هڪ مهينو اڳ هڪ ڌر اليڪشن جا مطالبا ڪري رهي هئي ته ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرايون وڃن. هي پارليامينٽ جعلي آهي هن ۾ ويهڻ توهين آهي. ۽ حڪمران وري چئي رهيا هئا ته اسان کي مينڊيٽ مليل آهي اسان پنهنجو مدو پورو ڪنداسين. اسان کي ته چونڊون نه ٿيون کپن. پنجن سالن لاءِ آيا آهيون ته پوءِ وقت کان اڳ چونڊون ڇو ڪرايون؟ هاڻ وقت ڦريو آهي ۽ حڪمران اپوزيشن ۽ اپوزيشن وارا حڪمران بڻجي ويا آهن ته ڌرين جا مطالبا به بدلجي ويا آهن. اڳوڻي حڪمران ڌر پي ٽي آءِ هاڻ اليڪشن جا مطالبا ڪري رهي آهي ته وري پ پ ۽ پي ڊي ايم جو اتحاد حڪومت ۾ اچڻ بعد چوي ٿو ته اسان هن وقت چونڊون نه ڪرائينداسين پر چونڊ سڌارا آڻڻ بعد ڪرائينداسين ۽ ان جو فيصلو به حڪومت ۽ ان جا اتحادي ڪندا. پي ٽي آءِ جي قيادت هاڻ ادارن کي به نشانو بڻائڻ شروع ڪيو آهي جيڪا خطرناڪ ڳالهه آهي. ان صورتحال ۾ حڪومت کي ٻن جاين تي مختلف مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هڪ پنجاب جو گورنر ۽ ٻيو ملڪ جو صدر حڪمرانن لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويا آهن. صدر پنجاب جي گورنر کي هٽائڻ واري ٻي سمري به رد ڪري ڇڏي آهي. هاڻ وري بحران پيدا ٿيندو ڇاڪاڻ ته آئين ۾ آهي ته صدر ٻي سمري تي حڪم جاري نه ڪري ته پوءِ 10 ڏينهن بعد اها پاڻ ئي لاڳو ٿي ويندي آهي. هاڻ ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي. ٻئي پاسي وري قومي اسيمبلي مان هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم عمرن خان ملڪ خلاف سازش ڪري رهيو آهي ان کي روڪيو وڃي.

اسان سمجهون ٿا ته ملڪ جي سياسي ماحول کي ايترو ته گندو ڪيو ويو آهي جو هاڻ ان کي سڌارڻ ۾ به ڏهاڪا لڳندا. هي صورتحال ملڪ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ درست نه آهي. ان جو اثر اسٽاڪ مارڪيٽ، ڊالر جي اگهه، مهانگائي، طرز حڪمراني تي پئجي رهيو آهي. ملڪ دشمني ۽ غداري جا سرٽيفڪيٽ روڊن رستن ۽ جلسن جلوسن کانپوءِ هاڻ ملڪي اسيمبلين ۾ به ورهائجي رهيا آهن. اسان سنڌ واسي ته اهڙن الزامن جا عادي آهيون پر ان صورتحال کي ڪنهن به نموني درست چئي نه ٿو سگهجي. ان لاءِ ملڪي، حڪومتي ۽ سياسي سربراهن کي گذارش آهي ته هو ماحول کي خراب نه ڪن ۽ سياست کي ايترو خراب نه ڪن جو سڀاڻي ڪنهن جي لاءِ به حڪمراني ڪرڻ جو موقعو نه بچي ۽ سموريون ڌريون هٿ ملينديون رهجي وڃن.