گهوٽڪي ضلعي جي مختلف يوسيز تي نواز ليگ پاران اميدوارن جو اعلان، ٽڪيٽ جاري

0
186
گهوٽڪي ضلعي جي مختلف

گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي ضلعي جي مختلف يوسيز تي نواز ليگ پاران اميدوارن جو اعلان، ٽڪيٽ جاري ڪيون ويون. تفصيل موجب گهوٽڪي ضلعي ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن پاران رحموالي هائوس تي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ ضلعي صدر حافظ محمد صادق سميجو مسلم ليگ طرفان بيٺل اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏنيون

ٽڪيٽ حاصل ڪندڙن ۾ يوسي کھارا تي چيئرمين قذافي لغاري وائيس چيئرمين ايڊوڪيٽ عطااللّه لغاري يوسي حسين ٻيلي  جنرل ڪائونسل تي رسول بخش مگسي گھوٽڪي وارڊ نمبر  10 تي عمير علي سميجو يوسي حيات پتافي وارڊ نمبر 3 جنرل ڪائونسل تي رياض احمد ميراڻي يوسي حيات پتافي وارڊ نمبر 2تي نادر علي نائچ يوسي سعدپور  جنرل ڪائونسل تي مبين احمد ڪولاچي کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون

يوسي جھم ڏھرڪي تي قربان علي شر يوسي لعل پتافي تعلقه ڏھرڪي تي چيئرمين ايڊوڪيٽ اويس خان پتافي وائيس چيئرمين امير جان پتافي يوسي لعل پتافي تي جنرل ڪائونسل تي محسن علي پتافي کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون ان موقع تي مسلم ليگ ن ضلع گھوٽڪي جي ايڊشنل جنرل سيڪريٽري صالح آصف سميجو مسلم ليگ سٽي گھوٽڪي جي جنرل سيڪريٽري آصف علي سميجو به موجود ھئا

ھي به پڙھندا

مٽياري: ڊي ايس پي جي ڪارنر گڏجاڻي ۾ شرڪت: وڊيو وائرل