ٺٽو (رپورٽر) گذريل مهيني گھارو ٿاڻي جي حد ۾ تڪراري زمين تي پوليس مقابلي دوران  ٻن پوليس اهلڪارن  جي شهيد ٿيڻ بعد پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل هاري صدر ولهاري جي ماسي شريفان پاران ٺٽي جي عدالت ۾ داخل ڪرايل 22 اي جي درخواست تي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان جي وڪيلن اعجاز جماڻي ۽ وڪيل لياقت جماري پاران وڪالت ناما جمع ڪرائيندي عدالت کان ڪيس جي تياري لاءِ تاريخ جي استدعا ڪئي وئي، جنهن  تي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ايندڙ شنوائي جي تاريخ  8 سيپٽمبر مقرر ڪري ڇڏي آهي.