ڪڍڻ (ن پ ا) ڪڍڻ ڀرسان ڳوٺ پانڌي ملاح ۾ 45 ورھين جي شادي شده عورت 5 ٻارن جي ماءُ الھبچائي زال علي محمد ملاح جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف ڪڍڻ ٿاڻي جي ننڍي منشي ٻڌايو ته ڳوٺ جي ڪجھه ماڻهن خودڪشي جي شاھدي ڏني آهي، رپورٽ درج ڪئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا، هوڏانهن عورت جي مڙس علي محمد ملاح ٻڌايو ته منهنجي فوج ۾ ڊيوٽي آهي، آئون گهر کان ٻاھر رھندو آهيان، منهنجي گهرواري جو ذھني توازن ٺيڪ نه ھو، ڪافي وقت کان بيمار رھندي هئي، رات جو منهنجي سندس سان فون تي ڳالهه ٻولھه پڻ ٿي، پرهن ڪابه شڪايت نه ڪئي، اڄ صبح مون مونکي گهر وارن ٻڌايو ته زال آپگهات ڪيو آهي.