ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ نوجوان پاران زهر پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش، اسپتال داخل. رپورٽ موجب ٽنڊوآدم واسي 30 ورهين جي زمان علي ولد فيض محمد مائٽن کان ڪاوڙجي زھريلي جيت مار دوا پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن کي تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس حياتي بچائي ورتي.