اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل پاران ترقياتي بجيٽ ۾ اڳوڻي فاٽا جي ڪي پي ڪي ۾ ضم ٿيل علائقن لاءِ 54 ارب رپيا رکڻ جي منظوري ڏني وئي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ 42 ارب رپيا رکيا پيا وڃن، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي جي قيام بعد ڪيترن ئي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي، جن ۾ سکر- حيدرآباد موٽروي، سيالڪوٽ –کاريان موٽروي منصوبا ايڊوانس اسٽيج تي آهن، جڏهن ته ڪراچي سرڪلر ريلوي، ڪي پي ٽي پپري فريپ ڪاريڊور، ڪراچي –چمن هاءِ وي منصوبي سميت ٻيا ترقياتي منصوبا هن سال شروع ڪيا ويندا.