ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)احتساب عدالت اڳوڻي وفاقي وزير بابر غوري، ڪي پي ٽي جي اڳوڻي چيئرمين جاويد حنيف سميت 8 جوابدارن خلاف اربين رپين جي ڪرپشن واري ريفرنس ۾ شاهدن کي 2 نومبر کي طلب ڪري ورتو، انهي کان اڳ جوابدارن احتساب عدالت جي دائري اختيار بابت درخواست واپس وٺي ڇڏي، نيب طرفان داخل ڪرايل ريفرنس موجب جوابدارن تي 2012ع ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) ۾ 940 غير قانوني ڀرتين جو الزام آهي، جنهن سان قومي خزاني کي 2 ارب 88 ڪروڙ 50 لکن جو نقصان پھتو،