ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت اينٽي ڪرپشن چيئرمين کي هٽائي ڇڏيو: رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن جي منظوري بعد پوليس سروس جي 20هين گريڊ جي چيئرمين اينٽي ڪرپشن عثمان غني صديقي کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏھن ته پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل صوبائي سروس جي 20هين گريڊ جي آفيسر ذوالفقار شاھه کي اينٽي ڪرپشن چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي