ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا جا ڪلور، 144 شهري فوت، 5870 نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ ۾ ڪورونا شرح 10.91 سيڪڙو رهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ڪورونا وگهي 11 مريض فوت ٿي ويا،جڏهن ته 855 نوان ڪيس ظاهر ٿيا ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته هن وقت 10211 مريضن جو علاج هلندڙ آهي، جن مان 9716 گھرن، 9 آئسوليشن سينٽرن ۽ 486 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. 446 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 48 مريض وينٽيليٽر تي پيل آهن، ڪراچي ۾ 410، حيدرآباد ۾ 194، مٽياري ۾31، گھوٽڪي ۾ 28، سکر ۾ 26، خيرپور ۽ شڪارپور ۾ 16_16، نوشهري فيروز ۽ عمرڪوٽ ۾ 15_15، دادو ۾ 12، شهيد بينظير آباد ۾ 11، سانگھڙ ۾ 10، لاڙڪاڻي ۾ 9، قمبر ۽ سجاول ۾ 8_8، ٽنڊي محمد خان ۾ 7، بدين ۾ 6، ميرپورخاص ۽ ٽنڊي الهيار ۾ 5_5، جيڪب آباد ۾ 3، ڄامشوري ۽ ڪشمور ۾ 2_2 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ٻئي طرف حيدرآباد ۾ڪورونا وگهي هڪ مريض فوت ٿي ويو، جنهن بعد ضلعي ۾ فوتي مريضن جو انگ وڌي 308 ٿي ويو ، ڪورونا جي شرح 15 سيڪڙو تائين پهچي وئي، ٻئي طرف سکر سول اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ داخل جيڪب آباد واسڻ 50 ورھين جي مسمات نفيسا زال تاج محمد ۽ سکر ڀرسان واقع نئون ڳوٺ واسي 85 ورھين جو غلام ھادي ولد عبدالخالق فوت ٿي ويا آھن، هوڏانهن لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ 25 ورهين جي ناديه، 65 ورهين جي محمد صالح سوڌو 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، ٻئي طرف ٽنڊي باگي ۾ 4 عورتن سميت 5 ڄڻا ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويا. مسمات صفيه، مسمات مهرالنساء، مسمات ڪريمان، مسمات جميت ۽ شاهنواز کي گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ميرواهه گورچاڻي جي سومرا ڪالوني جي رهواسي مجتبيٰ آرائين جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي.