اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وزيراعظم عمران خان ڪورونا تي ضابطي واسطي فوج گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪا پوليس سان گڏجي ڪورونا ايس اوپيز تي عمل ڪرائيند ي، ان ڏس ۾ وزير اعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل ڪورونا بابت قومي رابطا ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل لاءِ ملڪ اندر پوليس جي مدد لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويوآهي، جڏهن ته عيد تائين ڏهين جماعت تائين اسڪول بند ڪرڻ، شام جو 6 وڳي کانپوءِ مارڪيٽون بند ڪرڻ، هوٽلن ٻاهر به ماني کارائڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ، ان ڊور جمز تي به پابندي لڳائڻ، سرڪاري آفيسن جو وقت 2 وڳي تائين محدود ڪرڻ، سرڪاري آفيسن ۾ رڳو 50 سيڪڙو ملازم گهرائڻ، ، پرڏيهه مان ايندڙ مسافرن جو تعداد گهٽائڻ، سندن ڪورونا ٽيسٽنگ ۽ قرنطينه نظام جوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ پوليس سان گڏ پاڪ فوج جا جوان به روڊن تي نڪرن، اسان عوام کي بار بار ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لاءِ چيو پر ڏسي رهيا آهيون ته عوام ۾ نه خوف آهي ۽ نه ئي وري احتياط ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري پوليس ۽ پاڪ فوج ذريعي ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيوآهي، وزيراعظم چيو ته ڀارت جون حالتون ڏسو، اتي آڪسيجن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، اسپتالون مريضن سان ڀريل آهن، مريض اسپتال پهچڻ کان پهريان ئي فوت ٿي رهيا آهن،آئون قوم کي اپيل ڪريان ٿو ته اوهان احتياط نه ڪيو ته ڪجهه ڏينهن، هفتي يا وڌ ۾ وڌ ٻن هفتن کانپوءِ پاڪستان ۾ به ڀارت واريون حالتون پيدا ٿي وينديون، هن چيو ته ڪورونا کان بچاءُ لاءِ شهري رڳو ماسڪ پائيندا ته اڌ مسئلو حل ٿي ويندو، اڄ کان وٺي عيد تائين ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ايس او پيز تي هلندئو اسان کي اهي قدم نه کڻڻا پوند،ا جيڪي بدقسمتي سان ڀارت کي کڻڻا پئجي ويا آهن، ڀارت جهڙيون حالتون پيدا ٿيون ته اسان کي شهرن ۾ لاڪ ڊائون لڳائڻو پوندو، هن چيو ته مون کي هن وقت ماڻهو چئي رهيا آهن ته لاڪ ڊائون ڪري ڇڏيان پر لاڪ ڊائون ان ڪري نٿا ڪريون ته ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندو، اوهان گذريل سال وانگر احتياط ڪيو ته گذريل سال وانگر صورتحال کان بچي سگهون ٿا پر افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته هن وقت ڪير به احتياط نه ڪري رهيو آهي، ڪو به ايس او پيز تحت نه هلي رهيو آهي، جنهن ڪري اسان کي خطري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اسان احتياط نه ڪيو ته پوءِ لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو، جنهن سان اسان جي معيشت، دڪاندارن، فيڪٽرين ۽ سڀ کان وڌيڪ نقصان غريب ماڻهن کي ٿيندو، هن چيو ته دنيا ۾ ڪورونا ويڪسين جي کوٽ آهي، ماسڪ پائڻ سان 50 سيڪڙو مسئلو حل ٿي ويندو، پرڏيهه مان ايندڙن جو انگ گهٽايو ويندو ٻئي طرف قومي رابطا ڪاميٽي جي اجلاس جي فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر چيو ته 5 سيڪڙو ڪورونا شرح رکندڙ ضلعن ۾ نائين ۽ ڏهين درجي تائين اسڪول عيد تائين بند رهندا، ملڪ اندر بازارون شام 6 وڳي تائين کليل رهنديون ان کانپوءِ رڳو ضروري بنيادي شين جا دڪان ئي کليل رهندا، هن چيو ته ملڪ اندر هوٽلن اندر ماني کائڻ تي پهريان ئي پابندي لڳل آهي هاڻي عيد تائين هوٽلن کان ٻاهر به ماني کارائڻ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هوٽلن تان کاڌو خريد ڪري گهر کڻي وڃي سگهجي ٿو يا گهر گهرائي سگهجي ٿو، انڊور جمس تي به پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سرڪاري آفيسن جو وقت 2 وڳي تائين محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هن چيو ته آئون عورتن کي درخواست ڪريان ٿو ته اهي عيد جي خريداري ڏينهن جي وقت ڪن، افطاري کانپوءِ بازارون کليل نه هونديون، رمضان جي آخري ٽن يا پنجن ڏينهن جو انتظار نه ڪيو وڃي، هاڻي کان ئي عيد خريداري شروع ڪئي وڃي هن چيو ته پرڏيهه مان ايندڙ مسافرن جي آمد گهٽائڻ لاءِ ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن اندر تفصيلي پاليسي ٺاهي ويندي، پرڏيهه مان ايندڙ ماڻهن کي ڪورنٽائين ڪرڻ ۽ ٽيسٽنگ جو نظام پڻ ٺاهيو ويندو، هن چيو ته اسان 80 سيڪڙو آڪسيجن استعمال ڪري رهيا آهيون، ضرورت پئي ته پرڏيهه مان آڪسيجن گهرائبي، هن چيو ته ايس او پيز تي عمل ٿيو ته رمضان دوران اسان جي عبادت به جاري رهندي ۽ عيد به ملهائي سگهنداسين، بي صورت ۾ ٻنهي شين ۾ مشڪلات پيدا ٿي سگهي ٿي.