اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جا سمورا شعبا 26 اپريل کان 30 اپريل تائين بند رکڻ جو ڪيو ويو آهي ۽ پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي، اسٽينڊنگ ڪاميٽين ۽ خصوصي ڪاميٽين جا اجلاس به ملتوي ڪيا ويا آهن، تفصيل موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويوآهي ته ڪورنا وبا ۽ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جراثيم ڪش اسپري ڪرائڻ لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي 26 اپريل کان 30 اپريل تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن دوران قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جا سمورا ملازم پنهنجي گهرن ۾ موجود رهي واٽس ايپ، فون، اي ميل ۽ رابطي جي ٻين ذريعن ذريعي ڊيوٽي ڪندا، ان دوران انتظامي، ڪاميٽي، ليجسليشن، پي اي سي، اسپيشل ڪاميٽين جي ونگن جا سربراهه 3 مئي کان ايندڙ حڪم تائين گهٽ ۾ گهٽ اسٽاف جي موجودگي ۾ ڪم ڪندا، جڏهن ته 26 اپريل کان 30 اپريل تائين پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي، اسٽيڊنگ ڪاميٽين جا سمورا اجلاس ملتوي ڪيا ويا آهن.