ڪنڌڪوٽ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي

0
227

ڪنڌڪوٽ(ن پ ا) ڪنڌڪوٽ شهر جي رسالدار روڊ مرزانپور محلا ۽ گولا موڙ ڀر سان المدينا پيٽرول پمپ وٽ هٿياربندن جي فائرنگ هڪ مارجي ويو 2 ڄڻا زخمي، موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن گوليون هڻي هڪ ڄڻي کي قتل ۽ 2 ڄڻن کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن جو پوليس پيڇو ڪري رهي آهي، هٿياربند واقعي بعد فرار ٿي ويا، پوليس مختلف هنڌن تي ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته شهر جي ٻن مختلف هنڌن تي نامعلوم هٿياربندن پاران سرعام گوليون هلائي 2 ڄڻن کي زخمي ڪرڻ واري واقعي بعد شهر ۾ خوف و حراس ڦهلجي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جي سڃاڻپ محمد عيسيٰ الدين پٺاڻ ۽ زخمين ۾ گل خان ۽ مٺا خانشامل آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.