لاڙڪاڻو: سنڌ جو قديم ماڳ موهن جو دڙو اڄ کان عام ماڻھن لاءِ کلي ويو

0
250
موهن جو دڙو رات جو به سياحن لاءِ کولڻ ۽ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان
موهن جو دڙو رات جو به سياحن لاءِ کولڻ ۽ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ جون درگاھون ۽ تاريخي ماڳ کولڻ واري اعلان کانپوءِ سنڌ جو قديم ماڳ موهن جو دڙو اڄ کان عام ماڻھن لاءِ کوليو ويو، تفريح لاءِ قديم ماڳ موهن جو دڙو تي ماڻھن جو اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، ثقافت کاتي پاران ڪورونا وائرس سبب 24 مئي کان 27 جون تائين موهن جو دڙو کي عام ماڻھن لاءِ بند ڪيو ويو هو، ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر سبب قديم ماڳ موهن جو دڙو کي عام ماڻھن لاءِ ثقافت کاتي پاران هڪ مهيني تائين بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو جنهن بعد اڄ قديم ماڳ موهن جو دڙو کي عام ماڻھن لاءِ کوليو ويو آهي.