ڪنڊيارو (ن پ ا) خوراڪ کاتي نوشهروفيروز سال 2020ع ۾ فوڊ سينٽر ڪنڊيارو مان 18 هزار ٻورين کي گم ڪندڙ فوڊ انسپيڪٽر برڪت مهيسر کي هڪ دفعو ٻيهر فوڊ سينٽر ڪنڊيارو جي مقرري جو نوٽيفيڪشن جاري ڪيو ويو آهي، ڊي ايف سي نوشهروفيروز پاران 12 اپريل تي نڪتل آرڊر نمبر DFC/ NSF-376 تحت 15 ڏينهن اڳ مقرر ڪيل رستم گوپانگ کي هٽائي نيب جي مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ جاچ هيٺ آيل برڪت مهيسر کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن ذريعن موجب نيب ڪيس ۾ گهربل خوراڪ کاتي جي سمورن فوڊ انسپيڪٽرن کي ٻيهر مقرري جا آرڊر جاري ڪيا ويا آهن. هوڏانهن ڊي ايف سي نوشهروفيروز پاران جاري ڪيل ساڳئي نوٽيفيڪشن ۾ نيب ڪرپشن ڪيس ۾ گهربل برڪت مهيسر کي تعلقي جي ڪمال ديرو، بدڪ، محبت ديرو جتوئي جي سينٽرن جي چارج پڻ ڏني وئي آهي.