حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ طالب نومڙيو ۾ شادي شده ناري مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي، پٻڻ پوليس جو چوڻ آهي ته 20 سالن جي هرمي زال سليم ڀيل جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو، اطلاع تي ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو، ٻڌايو پيو وڃي ته ناري جا وارث ميرپورخاص جا رهواسي آهن. ناري جي ڄاڻايل علائقي ۾ نوجوان سان شادي ٿيل هئي. پوليس موجب ناري جي ڳلي تي رسي جا واضح طور نشان موجود آهن پر پوسٽ مارٽم بعد سندس موت جو ڪارڻ واضح ٿي سگهندو، پوليس رات دير سان ناري جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.