ڪراچي ۾ گٽر جو ڍڪڻ چوري ڪندڙ مبينا چور مارجي ويو، گارڊ گرفتار

0
893

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گرومندر ۾ گٽر جو ڍڪڻ چوري ڪندڙ گارڊ جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، پوليس گارڊ کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ شخص موٽرسائيڪل تي هو ۽ ٻيو لوهه جو ٺهيل گٽر جو ڍڪڻ چوري ڪري رهيا هئا، جوابدار جيئن ئي چوري ڪري موٽر سائيڪل تي ويٺو ته سيڪيورٽي گارڊ اچي ويو ۽ ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني

پوليس چيو آهي ته موٽرسائيڪل جي پٺيان ويٺل هڪ شخص گولي لڳڻ سبب ڪري هيٺ ڪري پيو ۽ ٿڏي تي مارجي ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته گارڊ سهيل احمد نديم هٿيار سوڌو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جو تعلق گولاڙچي سان آهي ۽ واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي