عامر ڀلي چوٿين شادي ڪري، مون کي ڪو به اعترا ض ناهي: دانيه شاهه

0
957
غير اخلاقي وڊيوز ڪيس

ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ ايم اين اي عامر لياقت جي ٽئين گهرواري سيده دانيه شاهه پنهنجي مڙس کي چوٿين شادي جي به اجازت ڏئي ڇڏي آهي

هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ جوڙي شرڪت ڪئي، جتي هنن کان دلچسپ سوال پڇيا ويا، انٽرويو دوران عامر لياقت پنهنجي ٽئين زال بابت ڳالهائيندي چيو ته هي ڇوڪري شادي کانپوءِ چيو ته مون کي تون ملي وئين، هاڻي تون جنهن سان به چاهين شادي ڪر مون کي ڪو به فرق نه پوندو

عامر لياقت جي ڳالهه جاري رکندي سندس گهر واري دانيا چيو ته مون کيس اها به اجازت ڏني آهي ته هن کي وڌيڪ شادي ڪرڻي آهي ته ڀلي ڪري، ميزبان جي پڇڻ تي دانيا چيو ته مون کين چوٿين شادي جي به اجازت ڏني آهي ڇو ته کيس روڪڻ منهنجو حق ناهي، اها هن جي مرضي آهي ته شادي ڪري يا نه ڪري

دانيه شاهه چيو ته جيڪڏهن مان هن کي پيار ڏينديس ته هي منهنجي طرف ئي رهندو، ٻي صورت ۾  هي وڌيڪ شادي ڪندو جنهن تي مون کي ڪو اعتراض ناهي، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عامر لياقت حسين لوڌران جي 18 ورهين جي سيده دانيه سان شادي ڪئي آهي

ھي به پڙھندا

عامر لياقت ٻن شادين جي ناڪامين کانپوءِ ٽئين شادي ڪري ڇڏي