ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي واپارين پاران ايف بي آر پاران لاڳو ٿيندڙ ٽيڪسن خلاف اسلام آباد ۾ اعلانيل مارچ جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪالهه ڪراچي جي واپارين پاران ڪوٺايل ڪنوينشن کي خطاب ڪندي واپاري اڳواڻن جميل پراچا، سليم ميمڻ، تاج عباسي ۽ ٻين صدارتي آرڊيننس کي رد ڪندي چيو ته ملڪ جا واپاري متحد آهن،27 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ خزاني واري وزارت آڏو احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي.