ڪراچي ۾ غير ملڪين سان حادثو، هڪ شاگردياڻي فوت، 2 زخمي

0
187
ڪراچي ۾ غير ملڪين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪلفٽن دو درياءَ وٽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ غيرملڪي شاگردن سان حادثو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شاگردياڻي فوت ۽ 2 نوجوان زخمي ٿي پيا آهن

پوليس جو چوڻ آهي ته شاگردن جي ڪار ويگو گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن ۾ اومي نالي شاگردياڻي فوت ٿي وئي جنهن جو تعلق صوماليه سان هو

پوليس چيو آهي ته زخمين ۾ الون ميريس ۽ گيڊم شامل آهن جن جو واسطو ڪينيا سان آهي

زخمي شاگردن جو چوڻ آهي ته اسان پاڻ ۾ دوست ۽ يونيورسٽي جي فارميسي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهون ٿا ۽ يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ رهون ٿا، ڊفينس ڪنهن ڪم سان وڃي رهيا هئا سين ته ٽائر برسٽ ٿيڻ جو آواز آيو، جنهن بعد گاڏي ٽڪرائجي وئي