ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس ڪارروائي، گھرن ۾ ڌاڙا هڻندڙ 7 رڪني گروهه گرفتار، 66 هزار روڪ، پستول ۽ ٻيو سامان هٿ، ايس ايس پي اولهه سهائي عزيز ٽالپر موجب سرجاڻي ٽائون مان پوليس جوابدار اسد، شهباز، مشتاق، جنگ بهادر، عباس، ناظم ۽ احسن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 7 پستول، 66 هزار 500 روڪ، زيور، 11 موبائل فون، هڪ رڪشا ۽ 3 موٽرسائيڪل هٿ ڪيا آهن، جوابدارگھرن ۾ ڌاڙا هڻندا هئا، 9 اپريل تي جوابدارن ڊاڪٽر فرزانه جي ڪلينڪ ۾ ڦرلٽ ڪئي، انهي دوران مريضن کان به پئسا ڦر ڪيا، جوابدارن 12 اپريل تي رائل اسٽيٽ جي مالڪ راڻا ڪاشف جي گھر ۾ گھڙي 36 هزار روڪ، موبائل ۽ زيور ڦر ڪيا هئا.