اڪري چودڳي (ن پ ا) ڳوٺ دڙي خاصخيلي واسڻ گلستان پريس ڪلب اڪري پهچي دانهيندي چيو ته مڙس عبدالرزاق ۽ سندس ڀائر عاشق، علي حسن، شوڪت ۽ نڻاڻ ملوڪان سميت گڏجي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، دانهن تي پاڙيوارن پهچي بچايو، مڙس پٽ کي به مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر مون ڌڪ جهلي معصوم پٽ کي بچايو آهي واقعي جي اين سي پيروسڻ ٿاڻي تي داخل ڪرائي پوليس مڙس کي گرفتار ڪيو پر منهنجا ڏير آزاد آهن، نوٽيس وٺي مون کي تحفظ فراهم ڪيووڃي، هوڏانهن پيروسڻ پوليس موجب هڪ جوابدار ناري جو مڙس گرفتار آهي، وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.