ڪوٽڙي ڪبير (ن پ ا) ڪوٽڙي ڪبير ويجھو ھالاڻي ٿاڻي جي حد ڏيوڻا مائينر تي موٽرسائيڪل سوار ٻن ھٿيار بندن رات جو نائين وڳي واپاري سيٺ اعجاز ڪيريو کان ڪيش رقم وارو ٿيلھو ڦر ڪري مٿس تشدد ڪري فرار ٿي ويا، رابطي تي ڪرڻ تي جنس جي واپاري سيٺ اعجاز ڪيريو ٻڌايو ته مان ڏيوڻا شاخ واري دڪان دڪي تان موٽرسائيڪل تي واپس ڳوٺ وڃي رھيو ھئس ته ٻن نامعلوم ون ٽو فاءِ موٽرسائيڪل تي سوار ھٿياربندن مون کي روڪي پسٽل تاڻي ڪيش رقم وارو ٿيلھو جنھن ۾ ٽن لکن کان وڌيڪ رقم ۽ دڪي جي کاتي جا بوڪ کسي ۽ منھنجي گاڏي مان چاٻي به ڪڍي فرار ٿي ويا. واقعي بعد ڳوٺ ڏانهن اطلاع ڪيو ۽ ڦورن جو پيڇو ڪيو پر ڦورو فرار ٿي ويا.