ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊفينس ويو ۾ 5 ماڙ عمارت جي غير قانوني اڏاوت بابت داخل توهين عدالت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالتي اسٽي باوجود عمارت جي تعمير جاري هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ادارن کي عمارت جي اڏاوت روڪڻ جي هدايت ڪندي بلڊر، ايس بي سي اي ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 15 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت حڪم ڏيندي چيو ته هن وقت تائين ٿيل اڏاوت کي ڊاٺو وڃي، ڪالهه ٻڌڻي دوران جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪا بلڊنگ لي آئوٽ پلان منظور ٿيڻ کانسواءِ ڪيئن تعمير ڪري سگهجي ٿي؟ ،عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ لاڳاپيل ايس ايس پي کي به ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. ان موقعي تي ايس بي سي اي جي وڪيل ٻڌايو ته اسان بلڊنگ جو لي آئوٽ پلان ڪينسل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي عدالت ايس بي سي اي جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته غير قانوني اڏاوت ڪيئن ٿي رهي آهي؟ ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل ٻڌايو ته عدالت31 مارچ تي تعمير روڪڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالتي حڪم باوجود اڏاوت جاري آهي. ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل عمارت جي غير قانوني تعمير بابت تصويرون پڻ پيش ڪيون.