ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي جي برساتي نالن ۽ انهن جي آسپاس ڪچرو اڇلائڻ تي 2 مهينن لاءِ پابندي مڙهي ڇڏي ، اها پابندي سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جي سفارش تي مڙهي وئي، سيڪريٽري موجب گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالي جي آسپاس هڪ سو کان وڌيڪ گروهه ڪچرو ميڙيندا آهن، جيڪي ڪچري مان ضروري شيون ڪڍي باقي ڪچرو نالن ۾ اڇلائي ڇڏيندا آهن، ڪچري سبب نالا اوور ٽاپ ٿي ويندا آهن