ڪراچي: ايس او پيز جي ڀڃڪڙي، امتياز سپر اسٽور سيل

0
521

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسسٽنٽ ڪمشنر شاه فيصل، نور مصطفيٰ لغاري قيوم آباد چورنگي تي واقع امتياز سپر اسٽور کي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سيل ڪري ڇڏيو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ هو ته سپر اسٽور تي تمام گهڻي رش هئي، سماجي وٿي ۽ ماسڪ جي به خلاف ورزي ٿي رهي هئي، زباني حڪم ڏيڻ باوجود سپر اسٽور انتظاميه ڪو تحرڪ نه ورتو، جنهن تي اسٽور کي سيل ڪيو ويو آهي