ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊي جي غلام محمد قائمخاني کي هٽائي احمد بخش ناريجو کي مقرر ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل تعليم کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري 20هين گريڊ جي آفيسر احمد بخش ناريجو کي ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل طور مقرر ڪيو ويو آهي، جتان غلام محمد قائمخاني کي هٽائي مڪاني ادارن واري کاتي ۾ رپورٽ ڪرايو ويو ، واضح رهي ته غلام محمد قائمخاني خلاف سندس تعليمي سرٽيفڪيٽن ۾ هيرا ڦيري ڪرڻ جي اينٽي ڪرپشن ۾ انڪوائري به هلندڙ آهي. هوڏانهن لاڙڪاڻي جي ايڊيشنل ون سونيا کي بدلي ڪري شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ اي ڊي سي ون طور مقرر ڪيو ويو آهي،