ڪراچي(رپورٽ:فقير سليم) ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ ناياب نسل جي مري ويل اڇي شينهن واري معاملي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم، ڪي ايم سي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب واقعي جو چڙيا گهر ا ڊائريڪٽر خالد هاشمي کي ذميوار قرار ڏيندي کيس معطل ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ مرتضيٰ وهاب مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري کي لکيو آهي ته ڄاڻايل ڊائريڪٽر پاران بيمار شينهن جي علاج تي ڌيان نه ڏيڻ سبب ناياب نسل جو شينهن مري ويو آهي، انهي ڪري کيس معطل ڪيو ويو آهي، سندس خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪئي وڃي، هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته مري ويل شينهن سميت ڪراچي چڙيا گهر جي سمورن جانورن جي گذريل 3 ڏينهن کان کاڌ خوراڪ جي سپلاءِ بند آهي، ان حوالي سان ڪالهه ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آئون ايڊمنسٽريٽر هجڻ سبب انهي واقعي تي شرمندو آهيان، شينهن مري وڃڻ جي ذميوار ڊائريڪٽر کي معطل ڪيو آهي،مون سندس خلاف اڳ ۾ ڪارروائي ڪئي ته هن جانورن کي کاڌو پهچائيندڙ ٺيڪيدار کي ورغلائي مسئلا پيدا ڪيا، هن چيو ته چڙيا گهر ۾ ڪجهه مافيائون سرگرم آهن، هن چيو ته مون آگسٽ ۾ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر طورچارج سنڀالي، مونکي ڊائريڪٽر خالد هاشمي خلاف شڪايتون مليون، جنهن تي مون کيس هٽايو، هن انهي فيصلي خلاف عدالت مان اسٽي ورتو، اسانکي بنا ٻڌڻ جي عدالت کيس ٻئي ڀيرا اسٽي ڏنو، سندس غفلت سبب شينهن مري ويو، واقعي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي آهي، انسان هجي يا جانور، اسانکي هر ڪنهن جي جان عزيز آهي، هوڏانهن هٽايل ڊائريڪٽر خالد هاشمي جي جاءِ تي منصور قاضي کي ڊائريڪٽر مقرر ڪري کيس ڪاروهنوار هلائڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن.