سنڌ حڪومت جي مائنز ۽ منرل کاتي پاران سنڌ وائلڊ لائيف پروٽيڪشن بل جي ڀڃڪڙي: ڪارونجهر کي ٻيهر خطرو، جبل جي هنج ۾ 200 ايڪڙ زمين ليز تي بااثر حوالي ڪئي وئي آهي، ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سرڪار جي ان قدم کي اوھان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڪارونجھر جبل سنڌ جو شان آهي سنڌ جي سونهن آھي، قبضو ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ناهي، سنڌ حڪومت هر اهو ڪم ڇو ڪندي آهي جيڪو سنڌ ۽ سنڌين لاءِ تڪليف وارو هجي؟ ته سنڌ سرڪار هميشه ئي وڏن ماڻھن ۽ ڪمپنين کي مختلف قسمن جون ليزون ڏيندي پئي اچي. هي فيصلو بلڪل غلط آهي، سنڌ حڪومت کي فيصلو واپس وٺڻ گھرجي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي نماڻو نوناري لکيو ته ڪارونجهر سنڌ جي سونهن آهي، سنڌ سرڪار ذميواري جو مظاهرو ناهي ڪندي، بشير ميراڻي لکيو ته پيپلزپارٽي درياهه جي پاڻيءَ کان وٺي زمين، ٻيٽ، ٻيلا وڪرو ڪري رهي آهي، هاڻي جبل به وڪڻي رهيا آهن، آسن داس لکيو ته سرڪا جو اهو ئي مقصد آهي ته سنڌ جا اهم حصا کپائي اسين پنهنجا کيسا ڀريون سنڌ سرڪار جو ڪهڙو فيصلو سنڌ جي حق ۽ فائدي وارو آهي سنڌ سرڪار جو مقصد اهيو آهي ته اسين سنڌ جي سونهن ڌارين کي وڪڻي ڏيون سنڌ سرڪار بحريا ٽائون کان پوءِ هاڻ ڪارونجهر جبل جي پويان لڳي آهي، قربان علي لغاري لکيو ته پ پ وارا اقتدار لاءِ سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن، خادم گهراڻو لکيو ته هتي خوبصورت پکين جنهن ۾ ديسي پرديسي آبي بري آهن انهن جو شڪار ڪري نسل ڪشي پئي ڪئي وڃي ڪارونجهر سان هڪ تاريخ آهي ڪنهن کي به اهو نٿو سونهي ته هن تاريخي ماڳ جي ڀر 200 ايڪڙ ڏي، ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته سنڌ سرڪار هميشه ئي وڏن ماڻھن ۽ ڪمپنين کي مختلف قسمن جون ليزون ڏيندي پئي اچي. هي فيصلو بلڪل غلط آهي،گل حسن لکيو ته سنڌ حڪومت کي فيصلو واپس وٺڻ گھرجي ھن فيصلي جي ڪري ماڻهن ۾ ڪافي ڳڻتي پکڙيل آھي سنڌ جو مجموعي شعور ان عمل جي خلاف آھي، جنيد جمالي لکيو ته انهن با اثرن ته سنڌ کي نقصان پهچايوآھي، سيد احمد شاهه لکيو ته سنڌ حڪومت عوام کي بيوقوف بڻائي رهي آهي،سجاد جوکيو به سروي ۾ حصو ورتو، جاويد احمد لکيو ته سنڌ حڪومت هر اهو ڪم ڪندي آهي جيڪو سنڌ ۽ سنڌين لاءِ تڪليف وارو هوندو آهي، عبدالهادي لکيو ته اگر اهي ئي نمائندا ۽ اهڙي نمائندگي رهي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم جي الله واهي آهي، محمد رحيم کوسو لکيو ته اهو سراسر غلط آهي ائين سنڌ حڪومت سڀ ڪجھه وڪرو ڪري ڇڏيندي، شيرراز چانگ لکيو ته ڪارونجھر جبل سنڌ جو شان آھي، قبضو ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ناهي، شنڪر باغي لکيو ته خيال ڪجو انهن حڪمرانن وٽان اهو به نه فيصلو ٿي وڃي ته سنڌ جي فلاڻن فلاڻن ضلعن جي عوام کي فلاڻن وٽ کپائي ڇڏيوآھي، وحيد ڄامڙو لکيو ته سنڌ حڪومت ڌارين سان گڏجي سنڌ جي دنگن جا سودا ڪيا آھن سنڌ جي ٻيٽ زمينون تي والار ٿي رھي آھي ٻئي پاسي سنڌ جي تاريخ ماڳ ڪارونجھر جبل جي ڀر وارين زمين تي ڌارين کي آباد ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، لياقت جتوئي، مظهر عباسي، حاڪم علي، بشير چنا، گلاب خاصخيلي ۽ عثمان پنهور به راءِ جو اظهار ڪيو، غلام علي گل ٻجورو لکيو ته سنڌ کي اڳ ۾ ئي يتيم سمجهي لٽيو ڦريو ويو آھي وري ڪارونجهر کي ڪپڻ جون تياريون..سنڌ حڪومت مان چڱائي جي ڪهڙي اميد رکجي؟؟ عبدالنبي شر لکيو ته ڪارونجهر کي ڪنهن به ميري آک سان ڏٺو ته ان جون آکيون ڪڍي ڇڏينداسين سنڌ حڪومت اهڙو فيصلو واپس وٺي، آفتاب لغاري لکيو ته سنڌ جي وسيلن،زمينن،ٻيٽن تي قبضا،ليز وغيرا سڀ ڪجهه سنڌ سرڪار جي پٺڀرائي سان ٿي رهيو آهي، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته سنڌ ۾ ڌاريا آبادي نامنظور، سنڌ سنڌين جي ملڪيت آهي ڪارونجهر جي سونهن برقرار رکڻ لاءِ سنڌ جو شعور اڳ کان اڳڀرو هوندو، عبدالرزاق چانڊيو لکيو ته ڪارونجھر جبل سنڌ جي سونھن آھي ،سنڌي قوم سجاڳ ٿي چڪي آھي ۽ ھاڻ ڪو به قبضو والار برداشت نه ڪيو ويندو، محمد حسن ٻٻر لکيو ته سنڌ سرڪار ته سڄو انفراسٽرڪچر ئي خراب ڪري پئي، مير جاسم بلوچ لکيو ته ھتي ڪجهه به نه ڏيندا سڀ ڪجهه کپائي ڇڏيندا، مهدي حسن سومرو لکيو ته اسان ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، سنڌ جي زمين تي ڌارين جا قبضا ٿي رهيا آهن جنهن ۾ سنڌ سرڪار کي ملوث سمجهون ٿا، مظفر بوزدار لکيو ته ڀڃڪڙيون به سياسي ليڊر پاڻ ڪن ٿا، امتياز جمالي لکيو ته سرڪار رڳو زمينون پئي نيلام ڪري سنڌ جون، اسد ماڇي لکيو ته پ پ سڄي سنڌ کپائيندي، حبيب الله عمراڻي لکيو ته سنڌ حڪومت آهسته آهسته ڪري پوري سنڌ جو سودو پئي ڪري هنن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي ته آخر اسان جو ڏوھ ڪهڙو آهي سنڌ جو سودو ڪرڻ جو حق توهان کي ڪهڙو آهي سنڌ ۾ ڌاريا آبادي ڪڏهن ختم ٿيندي سنڌ حڪومت جا هميشه فيصلا سنڌين جي خلاف هوندا آهن؟ سنڌ جي سونهن کي برقرار رکڻ ڄڻ سندس ذميواري ناهي؟ اسدالله هنڱورجو لکيو ته اهو سراسر غلط عمل آهي، وقار گاڏهي لکيو ته مذمت جوڳو عمل آهي، شاهزين علي به اهڙي عمل جي مذمت ڪئي، يونس بلوچ لکيو ته سنڌ حڪومت هميشه سنڌ خلاف ڪم ڪري ٿي سرڪار جي ان قدم کي اسين غلط سمجهون ٿا، شاهد شر لکيو ته بل جي ڀڃڪڙي جي مخالفت ڇو آهي خبر نه آهي هتي خوبصورت پکين جو شڪار ڪري نسل ڪشي پئي ڪئي وڃي ڪارونجهر سان هڪ تاريخ آهي، يار محمد ميمڻ لکيو ته شايد ھنن روپلو ڪولھي کي غور سان نه پڙهيو آهي ڪارونجھر تي اڃان مائرون روپلا ڄڻين ٿيون، راسومل لکيو ته هن فيصلي سان ڪارونجهر کي نقصان ٿيندو، نعيم شر لکيو ته بل جي ڀڃڪڙي ڪري پکين جو شڪار ڪري نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، اسلم سومرو لکيو ته بلڪل غلط قدم آهي ان عمل سان سنڌ واسين جي دلين ۾ پ پ خلاف نفرت پيدا ٿيندي، عزيز مھراڻ سومرو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.