آبپاشي انجنيئر صداقت حسين، جيڪو دانشوراڻي سوچ جو مالڪ به آهي، دوستن ۽ واقفڪارن جي ننڍڙي ميڙاڪي ۾ ويٺل. ھيڏانھن ھوڏانھن جي ڳالھين بعد مختلف مسئلن تي گهڻو ۾ گهڻو فڪرمند رھندڙ ھمير ان کان موجوده وقت جي تمام گهڻي اھم مسئلي بابت پڇيو،”سائين، چَوَنِ ٿا ته سڄي سنڌ جو جَرُ پنجاسي فيصد خراب ٿي چڪو آهي. ٻڌايو ته ڇا واقعي به ائين آهي يا اِھي ماڻهن اُفواھي خبرون ڦھلايون آهن؟”..
صداقت حسين صوفا تي سِڌو ٿي ويھندي وراڻيو،”اھي افواھي خبرون ناھن ادا سائين، پر ان ۾ ٿورو اضافو ڪندي اوھان کي آگاهي ڏيان ته رڳو پنجاسي فيصد ئي نه، پر سچ اهو آهي ته سئو فيصد ئي جَرُ خراب ٿي چڪو آهي..”
“مارِ، پوءِ ته ان جو حل صرف ئي صرف ھر گهر لاءِ آر او پلانٽ لڳرائڻ ئي بچيو نه؟.. ” ھمير کان اڳ ٻيو سوال سرور ڪيو.
“نه.. “صداقت حسين گنڀير ٿيندي چيو،”حل اھو آھي ته اسان کي ڪنهن ڏانهن به ڏسڻ بجاءِ، سڄي صوبي جي پاڻيءَ جي ذخيرن جي ھر صورت ۾ حفاظت لاءِ اڳتي وڌي جنگي بنيادن تي عملي وک کڻڻي پوندي ..”
“ڪيئن؟”.. نازل اتاولائيءَ مان پڇيو.
“گٽر نالن جا مُنھن درياھه، ڪئنالن، واھن ۽ ڍنڍن ڍورن تان پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي هميشه لاءِ ھٽائڻ لاءِ سندرو ٻڌي ميدان تي لھڻو پوندو ۽ وڻن کان خالي ٿي ويل ھن سڄي صوبي کي ھر ھنڌ وڻ پوکي، سونهن ۽ ساوڪ واري وڻڪاريءَ سان سرشار ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏڻي پوندي. نه ته.. ”
“نه ته ڇا سائين؟!.. ” ھمير فڪرمنديءَ ۾ ٻڏندي سوال دانھن ۾ ٻڌايو.
“نه ته جَرُ خراب ٿيڻ جي انتھا کان سڄي دنيا جي جَرَ جيان اڳتي وڌي اسان جي ڌرتيءَ جو جَرُ به تمام گهڻي تيزيءَ سان جتي ڪٿي مڪمل طور تي غائب ٿيڻ لڳندو ۽ پوءِ اسان انسانن سميت ھتي وسندڙ ھر جيت جڻيي سان گڏ چرند پرند کي به، ڪٿي به ڪو پاڻيءَ چُڪو ميسر ٿيڻ ناممڪن بڻجي ويندو..!! ”