جهنگ ۾ هڪ ڀيرو اليڪشن ٿي، ڀولڙي چيو ته هن ڀيري آئون راجا (بادشاهه) ٿيندس، هتي سدائين شينهن جي پيءُ جو راج هلي رهيو آهي، هڪ ڀيرو مون کي ته راجا بڻائي ڏسو، نيٺ ڀولڙو به راجا بڻجي ويو، جهنگ مان ٻڪري چوري ٿي وئي، شينهن وٽ سڀ پهتا ته مهاراج ٻڪري چوري ٿي وئي آهي، شينهن جواب ڏنو ته هاڻ آئون راجا ناهيان رهيو، هاڻ ڀولڙي وٽ وڃو….سڀ وري ڀولڙي وٽ پهتا، ۽ چيائونس ته هاڻ ته اوهان مهاراجا آهيو ڪجهه ته ڪريو، ڀولڙي وراڻيو ته ڳڻتي نه ڪريو ترت ئي ڳولي ٿو ڏيان ٻڪري، ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي ڀولڙو تيزي سان هڪ وڻ تي چڙهي ويو، وري ٽپا ڏيندو ٻئي وڻ تي چڙهي ويو، سڀ ڏسندا رهيا ته راجا ڀولڙو وڏي حرڪت ۾ اچي ويو آهي لازمي ڪجهه نه ڪجهه ڪندو، ايئن ڀولڙو واري واري هڪ وڻ کان ٻئي وڻ، ٻئي کان ٽئين وڻ تي چڙهندو رهيو، هڪ ڪلاڪ ٿي ويو سڀني چيو ته مهاراجا ٻڪري ڪڏهن ملندي؟ جنهن تي ڀولڙي جواب ڏنو ته ٻڪري جي ته خبر ناهي منهنجي ڪوشش ۾ ڪا ڪمي هجي ته ٻڌايو؟ آئون ته وڏو ڪم ڪريان پيو وڏي محنت ڪئي آهي… انهن کي چئبو آهي منڪي ليڊرز … چوڻ جو مقصد ته ڏيکاءَ لاءِ ڪوشش نه ڪريو پر نتيجو ڏيو.
(Selection By: Mansoor Nisar)