ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نگران وڏي وزير جي آمد وقت وڪيلن جو ڪارونجھر جي ڪٽائي ۽ 53 ھزار ايڪڙ زمين جي نيلامي خلاف احتجاج، ان ڏس ۾ ڪالهه سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي دعوت تي چيسٽ پين يونٽ جو افتتاح ڪرڻ پهتو ته بار روم اندر موجود وڪيل بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پهچي ويا، هنن ڪارونجھر جي ڪٽائي ۽ 53 ھزار ايڪڙ زمين جي نيلامي خلاف احتجاج ڪيو، وڪيلن جو چوڻ هو ته ڪارونجھر جبل صرف پٿرن جو ٽڪرو ناھي پر اھو سنڌ جي تھذيب ۽ شھيد روپلي ڪولهي جي جاءِ آھي، اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل جا عھدا ٻين صوبن جي ماڻھن کي ڏيڻ سنڌ جي نوجوان وڪيلن سان زيادتي ۽ آئين جي خلاف ورزي آھي، وڏو وزير احتجاج ڪندڙ وڪيلن کي ڏسندو ڏسندو اسٽيج تائين پهچي ويو پر ڪو به جواب نه ڏنو.