لاهور (م ڊ) ن ليگ پ پ تي ووٽ خريدڻ جو الزام حندي ووٽ خريد ڪندڙ کي پڪڙڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان ڏس م مسلم ليگ ن جو مرڪزي اڳواڻ عطا تارڙ ڪالهه لاهور ۾ پيپلزپارٽي جي چونڊ آفيس ۾ گھڙي پيو، لاهور جي تڪ اين اي 127 ۾ عطاءَ تارڙ پ پ جي آفيس ۾ داخل ٿيو ۽ دعويٰ ڪئي ته اتي ووٽ خريد ڪيا پئي ويا، جيڪي مون پڪڙيا آهن. بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته بلاول ڀٽو لاهور جو امن تباهه ڪرڻ آيو آهي. هن چيو ته اسان کي اطلاع مليا آهن ته پ پ ووٽن جي خريداري شروع ڪئي آهي. هوڏانهن پيپلزپارٽي لاهور جي اعوا۾ عامر مير اهڙا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ عامر مير چيو ته ليگي اميدوار عطا تارڙ يقيني شڪست ڏسي ووٽرز خريد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عطا تارڙ کي تڪ م عبرتناڪ شڪست ملندي. شڪست ڏسي وائڙائپ جو شڪار ٿي ويو آهي.  پ پ جي سينيٽر پلوشه خان چيو آهي ته عطا تارڙ پ پ جي آفيس تي حملو ڪيو. اليڪشن آفيس تي حملو اليڪشن ڪميشن لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهي. هن چيو ته ڇانگامانگا ۾ ووٽن جي خريداري ن ليگ جي پراڻي تاريخ رهي آهي.