ممبئي ( شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اداڪار ڪارتڪ آريان ۽ ڪيارا آڏواڻي جي نئين فلم جو ٽريلر جاري ڪيو ويوڪاميڊين فلم ” ستيه پريم ڪٿا“ ۾ ڪارتڪ آريان ۽ ڪيارا آڏواڻي زال ۽ مڙس جو ڪردار نڀائي رهيا آهن، سمير وڌواس جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم جو ڏسندڙن کي تمام گهڻي بي صبري سان انتظار آهي،هن کان اڳ به فلم  ” ڀول ڀوليان“ ۾ ڪارتڪ ءٌ ڪيارا گڏ ڪم ڪري چڪا آهن جنهن کي ڏسندڙن طرفان تمام گهڻي موٽ ڏني وئي هئي، فلم  جي ڪهاڻي ستيه پريم ) ڪارتڪ۽ ۽ ڪٿا ( ڪيارا) جي  پيار جي چوڌري گهمي ٿي،  فلم ۾ ڪارتڪ ورهين کان وٺي ڇوڪري جي ڳولا ۾ رهي ٿو ۽ پوءِ هو ڪيارا سان شادي ڪري ڇڏي ٿو فلم جي ٽريلر کي ڏسي اهو لڳ ٿو ته ڪارتڪ ۽ ڪيارا ۾ رنجش پيدا ٿئي ٿي