کپرو (ن پ ا) کپرو ميرپورخاص روڊ تي سبزل اسٽاپ وٽ کپري جي ميگهواڙ پاڙي جو رهواسي رازڪو ڪم ڪندڙ گيان ولد ورو ڀيل موٽر سائيڪل تان ڪري زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال آندو ويو، محمود آباد وٽ کپرو پوليس جي لڳل پڪٽ تي ڊيوٽي ڏيندڙ اهلڪار موجب ايندڙ گاڏين جي ڊرائيور اسان کي اطلاع ڏنو ته سبزل وٽ ڪو ماڻهو ڪريو پيو هو، اسان سرزمين تي پهتاسين جتي کپرو تعلقي اسپتال جي موبائيل آئي پئي، اسان زخمي کي ان ايمولنس واري ڊرائيور حوالي ڪيو. ٻئي پاسي کپرو تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽرن زخمي کي وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو.