نندو (ن پ ا) نندو شهر ڀرسان ميگهواڙ برادريءَ جو پڳدار ۽ سماجي اڳواڻ ٻڌو مل جئپال 86 سالن جي ڄمار ۾ پرلوڪ پڌاري ويو. سندس آخري رسمن ۾ سڄي سنڌ مان ميگهواڙ برادريءَ جي ماڻهن شرڪت ڪئي،مڙھه کي ڪاجهر جي مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. وارثن موجب پڳدار ٻڌو مل جئپال جي ٻارس بعد سندس موڀيءَ پٽ ڦوٽو مل کي پڳ ٻڌرائي ويندي.