اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت کنڊ جي سرڪاري رٽيل ۽ ايڪس ملز قيمت ۾ 25 پئسا في ڪلو اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان هاڻ کنڊ جو سرڪاري اگهه 90 رپيا ڪلو ٿي ويو آهي. جڏهن ته گهريلو گيس جي قيمت ۾ 270 سيڪڙو ۽ بلن ۾ 562 رپين کان 9128 رپين تائين ماهوار واڌ ڪرڻ جي تجويز تيار ڪئي وئي آهي. “پنهنجي اخبار” کي وفاقي حڪومت جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪري عوام مٿان تازو مهانگائي جو پيٽرول بم ڪيرائڻ کان پوءِ وفاقي سرڪار پهرين نومبر کان گيس جي قيمتن ۾ غير معمولي اضافو ڪري عوام مٿان گيس بم ڪيرائڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، ذريعن ٻڌايو آهي ته گيس صارفين لاءِ 6 مختلف سيلبس / ڪيٽيگريون قائم ڪري گيس جي ماهوار بلن ۾ 562 رپين کان 9128 رپين تائين اضافو ڪرڻ جي تجويز ڪابينا جي توانائي بابت ڪاميٽي کي منظوري لاءِ سمري اماڻي وئي آهي، ذريعن ٻڌايو آهي ته پهرين نومبر کان گهريلو صارفين لاءِ گيس 270 سيڪڙو مهانگي ڪئي پئي وڃي. سمري ۾ 6 سيلبس ٺاهيا ويا آهن، جن ۾ هڪ سيلب 0.5 هيڪٽا ڪيوبڪ ميٽر تائين گيس استعمال ڪندڙ صارفن ۽ ٻيو سيلب هڪ هيڪٽا ڪيوبڪ ميٽر تائين گيس استعمال ڪندڙ صارفن جو آهي، جن جو بل هن وقت ٽيڪسن کان سواءِ 308 ۽ 957 رپين تائين ايندو آهي. اهي ڪيٽيگريون واڌ کان آجيون هونديون. ٽيون سيلب 2 هيڪٽا ڪيوبڪ ميٽر تائين جو آهي جن لاءِ في ايم ايم بي ٽي يو گيس جي قيمت 553 رپين مان وڌائي 663 رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن سان بل 3733 رپين کان وڌي 4295 رپيا ٿي ويندو، بل ۾ 562 رپين جو اضافو ٿيندو. 3 هيڪٽا ميٽر تائين گيس جي قيمت 738 رپيا مان وڌائي هڪ هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي، ۽ بل 8016 رپين کان وڌي 10272 رپيا ٿي ويندو ۽ بلن ۾ 2256 رپين جو اضافو ٿيندو، 4 هيڪٽا ميٽر گيس استعمال ڪندڙن لاءِ قيمت 1107 رپين کان وڌائي 1500 رپيا ڪئي ويندي ۽ بل 14400 رپين کان وڌي 19495 رپيا ٿي ويندو، سندن بلن ۾ 5095 رپين جو اضافو ٿيندو، 4 هيڪٽا ميٽر کان وڌيڪ لاءِ قيمت 1460 رپين کان وڌائي 2000 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ڪرڻ جي تجويز آهي، جنهن سان بل 25494 رپين کان وڌي 34622 رپيا ٿي ويندو ۽ بل ۾ 9128 رپين جي واڌ ٿيندي. ذريعن مطابق گيس قيمتن ۾ واڌ پهرين نومبر کان لاڳو ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف کنڊ جي اگهه جي باري ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب کنڊ جو ايڪس ملز ريٽ 84 رپيا 50 پئسا کان وڌائي 84 رپيا 75 پئسا ۽ رٽيل اگهه 89 رپيا 50 پئسا کان 89 رپيا 75 پئسا ڪيو ويو آهي. اها قيمت 15 نومبر 2021ع تائين لاڳو رهندي. سمورن چيف سيڪريٽرين ۽ اسلام آباد جي ڪمشنر کي آگاهي ڏني وئي آهي. ٻئي طرف قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف گيس قيمتن ۾ 35 سيڪڙو تائين واڌ جي تياري وارن اطلاعن تي شديد مذمت ڪندي حڪومت کان فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي هن چيو ته حڪومت اهڙو فيصلو واپس وٺي، حڪومت آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪري رهي آهي، حڪومت قوم سان ٽيڪس فري بجيٽ جو ڪوڙ ڳالهايو هو، اسان بجيٽ وقت جيڪو ڪجهه چيو اڄ اهو سچ ثابت ٿي ويو آهي. حڪومت معيشت جو نائين اليون جهڙو واقعو ڪري چڪي آهي، هاڻي مهانگائي سان قوم کي تورا بورا بنائي رهي آهي. 141 سيڪڙو گيس قيمتون هي حڪومت اڳ ئي وڌائي چڪي آهي، 2 سال ٿي ويا آهن گيس ڪمپنيون پنهنجي آڊٽ نه ڪرائي سگهيون آهن.