لاهور (م ڊ) لاهور جي بيڪنگ عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز کي جاچ ٽيمن سان سهڪار جو حڪم ڏيندي ٻنهي جي ضمانت ۾ 9 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. ايف آءِ اي بينڪنگ عدالت ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته ايف آءِ اي مبينا ثبوتن جا ڀريل 5 باڪس عدالت جي روبرو پيش ڪيا. ايف آءِ اي جي سينيئر آفيسر ڊاڪٽر رضوان عدالت کي ٻڌايو ته 2020 ۾ شگر ڪميشن ٺهي ۽ خبر پئي ته شگر ملز فراڊ ۾ ملوث آهن، ايف آءِ اي کي خبر پئي ته معاشي طور تي ڪمزور ماڻهن جي نالي تي اڪائونٽ کوليا ويا آهن. هن چيو ائين ظاهر ڪيو ويندو هو ته ڄڻ اهي ڏي وٺ جا پيسا آهن، انهن ماڻهن کي ان پئسي جي خبر به نه هوندي هئي، 20 ملازمن جي 57 اڪائونٽن جو ايف آءِ اي پتو لڳائي چڪي آهي، جڏهن ته 55 هزار 498 ٽرانزيڪشنز کي ايف آءِ اي ڏسي رهي آهي. ان موقعي تي جج پڇيو ته جاچ ڪيستائين مڪمل ڪندئو؟ جنهن تي ڊاڪٽر رضوان چيو ته اسان اڃا چالان داخل ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون، جوابدار جاچ ۾ سهڪار نه پيا ڪن، هي عام نوعيت جو ڪيس ناهي. ٻڌڻي دوران شهباز شريف روسٽرم تي آيو ۽ چيائين افسوس جي ڳالهه آهي ته ايف آءِ اي جو سينيئر آفيسر ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، مان ان شگر مل جو ڊائريڪٽر ناهيان، نه ئي پگهار کڻندو آهيان. بينڪنگ ڪورٽ ۾ شهبازشريف ايف آءِ اي آفيسرن جا الزام رد ڪري ڇڏيا، عدالت ۾ شهبازشريف بيان ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي جا آفيسر ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، عدالت سان غلط بياني ڪئي وئي، آئون نه شگر مل جو شيئر هولڊر آهيان نه ڊائريڪٽر ۽ نه وري عهديدار آهيان، شهبازشريف چيو ته مون سان جاچ دروان به انتهائي بدتميزي ڪئي وئي، اهڙي ريت ته ڪو پٽيوالي سان به نه ڳالهائيندو آهي، هن چيو ته منهنجي وڪيل ايف آءِ اي کي مناسب جواب موڪليو آهي، هي نيب ڪيس جي ڪاپي آهي، مون ته خاندان جي شگر ملز کي نقصان پهچايو، مان وڏي وزير طور شگر ملز کي فائدو ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ايف آءِ اي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هڪ نجي بينڪ جي ٻن آفيسرن جي ملي ڀڳت سان اڪائونٽ ٺاهيا ويا، بينڪ به جاچ ۾ سهڪار نه پئي ڪري، اهو ڪيس انتهائي ڏکيو آهي، بينڪن ۽ جوابدارن کي جاچ ۾ سهڪار جو واضح حڪم ڏنو وڃي، بينڪرز تي دٻاءُ آهي ۽ مني لانڊرنگ خلاف جاچ ۾ سهڪار لاءِ تيار ناهن، نجي بينڪ جي هڪ آفيسر جي موبائل مان بينڪرز تي دٻاءُ وجهڻ جا وائس ميسيج مليا آهن. ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته آئون ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو، مون کي ڳالهائڻ ڏنو وڃي، جنهن تي جج چيو ته توهان کي ڳالهائڻ جي اجازت ناهي، توهان کي هڪ ڀيرو ٻڌي ڇڏيوسين، هاڻ چُپ رهو. شهباز شريف چيو ته خدا جو قسم مان بينڪ وارن کي سڃاڻان ئي نٿو، دٻاءُ ڪيئن وجهندس. پوءِ عدالت شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 9 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي ۽ ٻنهي کي جاچ ٽيمن سان مڪمل سهڪار جي هدايت ڪئي.