سينچورين(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا ويسٽ انڊيز خلاف ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ ۾ ٽي 20 جو سڀ کان وڏو اسڪور 258 رنز چيس ڪري ورتو، ٽن ميچن تي ٻڌل 1-1 تان برابر.  ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ويسٽ انڊيز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 258 رنز جو جبل ٺاهي ڇڏيو. جونسن چارلس 11 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 46 بالن تي 118 رنز جي جارحاڻي اننگ کيڏي، جڏهن ته ڪيل ميرس 4 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 27 بالن تي 51 رنز جي شاندار اننگ کيڏي، روماريو شيفرڊ 4 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 18 بالن تي 41 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي. ڏکڻ آفريڪا طرفان مارڪو جانسن 3 ۽ وين پارنيل 2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. ڏکڻ آفريڪا 18.5 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. ڏکڻ آفريڪا طرفان ڊي ڪوڪ 8 ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 44 بالن تي 100 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، ريزا هينڊرڪس 2 ڇڪن ۽ 11 چوڪن جي مدد سان 28 بالن تي 68 رنز جي شاندار اننگ کيڏي.  ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.