سوال/سروي … رمضان ايندي ئي عام واهپي وارين شين جا اگهه ٽيڻ تي وڌي ويا آهن، لاڳاپيل آفيسر رڳو فوٽو سيشن ۾ پورا آهن: عوام

0
159

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته رمضان مهينو: ڇا اوهان جي علائقي ۾ به عام واهپي جي شين جا اگهه وڌي ويا آهن؟سرڪاري اگهن تي عمل ٿي رهيو آهي؟ انتظاميا جي ڪارڪردگي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته رمضان ايندي ئي عام واهپي وارين شين جا اگهه ٽيڻ تي وڌي ويا آهن، مقامي انتظاميا ڪو به تحرڪ ناهي ورتو، واپارين من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، مقامي لاڳاپيل آفيسر رڳو فوٽو سيشن ۾ پورا آهن، عوام پاران مطالبو ڪيو ويو ته سرڪاري اگهن تي عمل ڪرايو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سجاد ٿهيم لکيو ته سنڌ حڪومت جا اعلان صرف اعلانن تائين محدود آھن. عمل نه ٿيو آھي نه ئي عمل جي ڪا به اميد آھي. ڪرپٽ حُڪمران پورهيت طبقي کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي. مهانگائي عروج تي پهتل آهي. برڪتن واري مهيني ۾ به خدا جو خوف ناهي، پرويز خاصخيلي لکيو ته رمضان ئي ته ڪمائي جو ذريعو آهي، جيئن لعلورائنڪ جا واپاري ٿا ڪن، گل حسن لکيو ته رمضان مھيني جي برڪت سان سبزي فروٽ جي قيمتن ۾ سنڌ توڙي پاڪستان وانگر سانگھڙ ورڪشاپ جي عوام لاءِ قيمت ۾ ايتري برڪت پئي آھي جو رمضان کان پھريان پنجاھ ۾ ملندڙ شئي اڄ ٻه سئو کان ڏيڍ سئو ۾ ملي پئي ريٽ لسٽ به ڪٿي ڪٿي لڳل آھي جنھن بابت اگر دڪاندار کي چئجي ته جواب ۾ چون ٿا ان ريٽ تي اسان کي ئي سامان نه پيو ملي اوھان کي ڪٿان ڏيون مڙئي سرڪاري فارملٽي لسٽ آھي ان تي نه ڪڏھن پھريان سامان مليو نه ھاڻي ملندو، قربان علي ميراڻي لکيو ته عام واهپي جون سموريون شّيون مهانگيون وڪرو ڪيون پيون وڃن، الهڏنو راهمون لکيو ته انتظاميه جا اھلڪار سرڪاري مراعتن مان مزا ماڻي رھيا آھن انھن کي مھانگائي جي اذيتن جي احساسن جي ڪا خبر ناهي،بس گاڏي مان لهي فوٽو سيشن ڪرائي واپس وڃن ٿا، عالم پالاري لکيو ته رمضان شريف جو ڀلارو مهينو شروع ٿيڻ شرط ڪوهستان جي مختلف شهرن نوري آباد ۽ ٻين هنڌن ۾ واپارين هٿرادو ريٽ وڌائي کاڌي پيتي جي شين ۽سبزي فروٽ جا اگھه آسمان تي پهچي ويا غريب عوام هڪ ويلي جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي، نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته اسان جي وڳڻ شھر ۾ رمضان کان اڳ جيڪا شي 10 رپيا ۾ ملندي هئي اها ھاڻي ٻيڻ تي ملي. انتظاميا نالي ڪابه شي ناهي، جي آر چانڊيو لکيو ته ڪھڙي انتظاميا ڇاجي انتظاميا ھتي ڪا به انتظاميا يا حڪمراني ڪونهي ھتي ڌاڙيل راڄ آهي ڪو ماڻهو محفوظ ناھي، علي غلام چانڊيو لکيو ته رمضان شريف ۾ ٻيڻ تي مھانگائي پئي ھلي سنڌ حڪومت اعلانن تائين محدود آھي ڪوبه رليف پيڪج ناھي مليو عوام کي، شنڪر لال لکيو ته بلڪل اسان وٽ عام شين جا اگهه وڌي ويا آهن ۽ انتظاميا جي ڪا خبر ناهي، يار محمد ميمڻ لکيو ته ھتي جڏھن کان ڊي سي ياسر ڀٽي آيو آهي تڏهن کان شهرين لاءِ پريشاني وڌي وئي آهي، ڪاشف علي زئور لکيو ته انتظاميه طرفان جيڪي ريٽ لسٽون دڪاندارن کي ڏنيون وينديون آھن ٺاهڻ وارن کي اھا به خبر نه هوندي آهي ته هول سيل مارڪيٽ مطابق شين جا اگهه ڇا آهن صرف خانه پوري ڪئي ويندي آهي شين جا اگھه پنھنجي مرضيءَ سان لسٽ ۾ لڳايا ويندا آهن حقيقي اگھن کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو ته ان سان عوام کي ڪھڙو فائدو ٿيندو، خواجه نياز محمد لکيو ته رپڙي بھارو ڪنڊڙي نوراجا ،پھريان کان جيڪا مھانگائي جي باھ بريل آھي ٺري ناهي، سرڪاري اگهن تي عمل ۽ ريٽ لسٽ ناهي، واحد بخش نندواڻي لکيو ته سنڌ ۾ ڪا به انتظاميا يا حڪمراني ڪونهي، نادر ابڙو لکيو ته سموري سنڌ جيان لاڙڪاڻي ۾ به عام واهپي جي شين جا اگھه چوٽ چڙهي ويا آهن جنهن سبب غريب طبقو مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳو آهي ٻئي طرف ضلعي انتظاميا پاران بچت بازار لڳائي وئي آهي جنهن ۾ عام واهپي جي شين جا اسٽال اڻپورا لڳايا ويا آهن ڪيترائي پورهيت طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهون خالي هٿين واپس روانا ٿي ويا آهن، دادالله بلوچ لکيو ته ڪجھه به ڪونه ٿيندو رڳو رڙيون ڪندو ورندو ڪجھه ڪونه۔مھانگائي پوري ملڪ آھي انتظاميه ننڊ ستل آهي، علي نواز کوسو لکيو ته سبزي. فروٽ ۽ کاڌي پيتي جا ريٽ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن ڪشمور ۾ عام واهپي جون شيون مھانگيون ٿي ويون آهن رمضان شريف اچڻ سان منافعي خور واپارين من پسند ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا آهن، اسٽنٽ ڪمشنر ڪجهه نٿو ڪري، گلفام حسن لکيو ته رمضان کان ھڪ ڏينهن پھرين ٽماٽا ويھه رپيا ڪلو ۽ ٻئي ڏينهن 80 رپيا ڪلو ٿي ويا، انتظاميا غائب آهي، فاروق احمد لکيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، عمران جوڻيجو لکيو ته انتظاميا صرف نالي جي آهي انهن کي ڪنهن غريب جو ڪهڙو خيال آهي، مراد علي لکيو ته رمضان جي ڀلاري مھيني ۾ ھر شي جو اگھه چوٽ چڙهي ويو آهي ڪٿي به سرڪاري اگھه تي عمل نه ٿي رھيو آهي انتظاميا گم آهي رمضان شريف جي وڃڻ کانپوءِ ظاهر ٿيندا، شاهد ڏاهري لکيو ته ڪٿي به سرڪاري اگهه تي عمل ناهي، غلام علي ٻجورو لکيو ته عام واهپي جي شين جا اگھ چوٽ چڙھيل آھن فروٽ کي ته وڏا پر لڳي ويا آھن، فاروق اڪبر لکيو ته رمضان شريف جي اچڻ کانپوءِ من پسند ريٽ مقرر ڪيا ويا آهن، ظهير خان لکيو ته عمران دور کان چڱو وقت گذري ٿو، اياز علي راهوجو لکيو ته ھاڻي ماڻهو پنڻ ڇڏي ڏيندا، وڏو رليف مليو آهي، هادي لکيو ته اگهه وڌي ويا آهن، آزاد اسدالله هنڱورجو لکيو ته انتظاميا واپارين سان مليل آهي، نياز محمد لنڊ لکيو ته رمضان شريف ۾ ويتر مھانگائي وڌي وئي آھي ۽ جيڪا ھٿرادو ڪئي وئي آھي، ايم سليمان جمالي لکيو ته عام واهپي جي شين جي اگھن ۾ من مرضي ڪريون ويٺا آھن، عرفان جروار لکيو ته بلڪل پر فروٽ ته ڄڻ رمضان شريف ۾ غريب جي کائڻ کان چڙھي ويو آهي، الطاف لاشاري لکيو ته دادو ۾ تمام گهڻي مهانگائي آهي، مير مور رند لکيو ته انتظاميه صرف فوٽو سيشن تائين محدود آھي، امر ذلف نهڙي لکيو ته هر شئي جو اگهه چوٽ چڙيل آھي، محمد ابراهيم لکيو ته پٿورو ۾ عام واھپي وارين شين جا اگهه ته آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيا آهن، سعيد رونجها لکيو ته مهانگائي جي ڪري عوام کان رڙيون نڪري ويون آهن، شاهنواز راڄپر، احسان علي لغاري، اقبال سميجو، نذير سوهو به سروي ۾ حصو ورتو، لياقت علي زرداري لکيو ته انتظاميا نالي ڪٿي ڪا شئي نظر نٿي اچي،هر پاسي مسئلا ئي مسئلا لڳل آهن،ماڻهو دانهون ڪوڪون ڪري ٿڪجي ٿا پون پر ڪنهن کي ڪو رحم نه ٿو اچي، هٿرادو مهانگائي جو طوفان برپا ڪيل آهي،اُنهي جو اصل ڪارڻ انتظامي سُستي آهي،انتظاميا جو ڪو به ذميوار ڪامورو پنهنجو فرض دلي طور نڀائيندي ڪٿي نظر نه ٿو اچي، فضل سبزوئي لکيو ته ڪنڌڪوٽ شهر ۾ ماھ رمضان ڪريم ايندي ئي فروٽ ۽ سبزي جا اگھه چوٽ چڙھي ويا آهن، جيڪا شيء چار ڏينهن اڳ 50 رپيا اگھه تي پئي ملي اھا اڄ 100 رپيا کان مٿي وڪامجڻ لڳي آهي گورنمينٽ جو ڪو به چيڪ اينڊ بيلنس نه ھجڻ افسوسناڪ عمل آھي ،گدرا جيڪي چار ڏينهن اڳ 50 رپيا ڪلو ھو اڄ 100 رپيا ڪلو مليو آھي ڀينڊي جيڪا چار ڏينهن اڳ 120 رپيا ڪلو هئي اڄ 200 رپيا ڪلو ٿي وئي ، ٽماٽوجيڪو چار ڏينهن اڳ 60 رپيا ڪلو پئي مليو اھو اڄ 150 ڪلو ٿي ويو ، هنداڻو جيڪا چار ڏينهن اڳ 60 رڇيا ڪلو ها اڄ 150 کان 120 اگهه هلي پيو، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور مٺياڻي کي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، بشير شر لکيو ته وڏي حيرت جي ڳاله اها ته جڏهن کان رمضان شريف جو مهينو آيو آهي شڪارپور ۾ سبزيون توڙي فروٽ جا اگهه چوٽ چڙھي ويا آهن، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور رڳو فوٽو سيشن ۾ پورو آهي، انور زئور لکيو ته ڪرپشن وڌي وئي آهي مهانگائي تي ڪٿان ڪنٽرول ٿيندو، ماڻڪ حڪيم لکيو ته هوئن ته يارهن مهينا حڪمرانن توڙي واپارين جا ٻئي هٿ گيھ ۾ هوندا آهن پر رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ هٿ ته ٺهيو پر پير به گيھه ۾ ٻوڙڻڻ چاهين ٿا، صوف 400 رپيا ڪلو، گدرو 150 رپيا ڪلو، کارڪون 200 پاءُ، ڪيلا 250 درجن هلي ٿو، ڪامورا ڪارروائي بدران خانه پوري ۾ مصروف آهن، دليپ ڪمار لکيو ته سنڌ حڪومت جي اعلان تي ڪو به عمل نه پيو ٿئي، فيضان علي لغاري لکيو ته ٽنڊو محمد خان ۾ عام واھپي جون شيون مھانگيون ٿيڻ ڪري غريب طبقو سخت پريشاني کي منھن ڏئي رھيو آھي، ليلا رام لکيو ته انتظاميا صرف اعلان ڪندي آهي، پر انهي تي عمل ناهي ٿيندو، حمير گل راڄپر به سروي ۾ حصو ورتو، صدام سنڌي لکيو ته عمل اهو ٿيو آهي 150 ڪلو وارا گدرا هاڻي 300 رپيا ڪلو آهن، محمد اڪرم جتوئي، حاجي خان ڀٽي، غلام محمد ميرجت به سروي ۾ حصو ورتو، بشير ميراڻي لکيو ته عام واهپي جي شين ۾ سئو سيڪڙو اگهه وڌي ويو آهي، علي حسن راڄپر لکيو ته انڌير نگري چرٻٽ راج آھي، عبدالوحيد چنا لکيو ته ڪنڊيارو ۾ به عام واھپي وارين شين جا اگھه ٻيڻا ٽيڻا ٿي ويا آھن، سردار لطيف لکيو ته مھانگائي چوٽ چڙھيل آھي, رمضان کان پھريان گدرو 20 رپيا ڪلو ۽ هاڻ 120 رپيا ڪلو آهي، منظور ڪنڀر لکيو ته انتظاميا رڳو اعلان ڪندي آهي، نجيب الرحمان لکيو ته وارهه ۾ نالي ماتر انتظاميا تحرڪ ورتو، مهانگائي تي ضابطو ناهي آيو، عبدالهادي لکيو ته سانگهڙ ۾ مهانگائي جي سونامي آهي سانگهڙ ۾ رمضان کان اڳ۾ ٽماٽر 10 ڪلو واري ٿيلهي 100 رپيا ملندي هئي اڄ 60 رپيا ڪلو آهي 100 ۾ اڍائي ڪلو ملندڙ گدرو 100 رپيا ڪلو هلي پيو، 85 رپياڪلو ملندڙ هنداڻو 120 رپيا ڪلو آهي، وحيد مستوئي، مظهر علي سنڌي، محمد موسيٰ کٽي به سروي ۾ حصو ورتو.