ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ مرحوم غازي خان چاچڙ جي ياد نائيٽ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ آزاد ڪرڪيٽ ڪلب کٽي ورتو. پهرين بيٽنگ ڪندي شاهين ڪرڪيٽ ڪلب مقرر 8 اوورن ۾ 115 رنز ٺاهيون. آزاد ڪرڪيٽ ڪلب آخري اوور ۾ هدف پورو ڪري ٽورنامينٽ کٽي ورتو. شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي مئچ دائود لنجار کي قرار ڏنو ويو. ان موقعي تي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ لڳائيندڙ سماجي اڳواڻ ثناءُ الله ڀٽي ۽ آرگنائزنگ ڪميٽي پاران  ونر ٽيم کي ٽرافي سان گڏ 40 هزار رپيا روڪ انعام ۽ رنر ٽيم کي 20 هزار رپيا روڪ ڏنا ويا.