ڏيپلي جا ڏات ڌڻي ۽ خطاطيءَ وارو فن!

0
80
ڏيپلي جا ڏات ڌڻي ۽ خطاطيءَ وارو فن!

 ڏيپلو شهر توڙي جو هن وقت ترقي پذير شهرن ۾ شامل ناهي، تڏھن ته آرٽ جو وزير هن کي “بيوفا اولاد جو شهر” سڏي ٿو، پر آرٽ ۾ ڏيپلو اڄ به گهڻن ترقي يافته شهرن کان گوءِ کڻي ويو آھي. عثمان ڏيپلائي جهڙي ديومالائي اديب کان وٺي مصري ڏيپلائي جهڙي مٺڙي آواز تائين ڪيترائي رنگ ڏيپلي جي ادب ۽ ڪلا جي اُفق تي انڊلٺ بڻجي بيٺا آھن. اُھو ڏيپلو، جنهن ميمڻن جي موجودگيءَ ۾ پئرس جهڙو اوج به ڏٺو، ته اُنهن جي الوداع کانپوءِ بغداد جهڙي بربادي به…! جنهن شهر فانوسن جي روشنيءَ ۾ رقص ڪندڙ ماهه پيڪر مُکڙين جون مُرڪون به ڏٺيون ته 65ع ۽ 71ع جي پاڪ- ڀارت جنگين ۾ آڌيءَ رات ويلي پنهنجي ڌرتي ڇڏي ويل ڌيئرن جا خاموش سُڏڪا به ٻُڌا. جنهن شهر سنڌي ادب کي ‘سانگهڙ’ جهڙو ناول لکي ڏيندڙ ليکڪ عثمان ڏيپلائي ڏنو ته ‘ڀِٽن اُڀريو سج’ جو خالق مُشتاق مٺواڻيءَ به ڏنو. جنهن شهر سنڌي شاعريءَ کي مصري تڙن جهڙو مٺڙو راڳي مصري ڏيپلائي ڏنو ته سنڌ جو وڪٽر هارا صادق فقير به ڏنو.

                 ڳالهه هلي پئي ڏيپلي جي آرٽ جي، ته اچو اُن آرٽ جي عاليشان محل مان به محظوظ ٿيندا هلون، جنهن جو خالق ڏيپلي جو ڏات ڌڻي سائين سومجي مَل ڌاراڻي آھي، جنهن جي ڏرا ڏئي ويل اکين ۾ اڄ به ڏيپلو ڪنهن ٻوگهلي ٻار وانگي مُرڪي ٿو. هي اڄ به ڏڪندڙ هٿن ۾ قلم کڻي ڪُجهه لکي ٿو ته ڏيپلو ٽهڪ ڏئي سرهو ٿئي ٿو. امرتا پريتم جي آپ بيتي جهڙو اتهاس رکندڙ ڏيپلي شهر جي هڪ غريب پورهيت ميگهواڙ لڌا رام جي گهر ۾ 12 نومبر 1946ع تي اک کوليندڙ سومجي مل ڌاراڻي هڪ اهڙو پراڪرمي پُرش آهي، جنهن جي مهانتا جي ريک سندس “للاٽ تي لاٽ” وانگي ڏيک ڏئي ٿي. سندس ماتا حوا ٻائيءَ جي گود ۾ گُد ڏيئي، وڏو ٿيل سومجي مل ننڍي کان ئي گهڻو ذهين هوندو هو. هر آيل کي آڌر ڏيندڙ هي ڏوڪرو اڄ به هر سانجهه ويلي هٿ ۾ لٺ کڻي ڏيپلي جي گهٽين ۾ پسار ڪندي، انهن وڻن سان پنهنجون وارتائون اوريندو آهي، جن هيٺ ويهي هن ڪڏهن سُپرين سان گوڏو گڏي ڪچهريون ڪيون هيون. هي هر روز اُنهن وڻن جي ڇانوَ ۾ ويهي پنهنجي محبوب ماضيءَ سان ملڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ننڍي وڏي توڙي هندُو مُسلم هر ڪنهن سان هڪ جيترو پيار ڪندڙ سومجي مل ڏيپلي جي ماٿي تي گُلال جي تلڪ جهڙو وڻندڙ آهي. دعا آهي ته اڃان به گهڻي ڄمار ماڻي ۽ ڏيپلي جي رستن تي رواداري جا ڏيئا ٻاريندو رهي.خطاطيءَ جي کاهوڙي ڪردار احمد کٽيءَ کان وٺي سومجي مل ڌاراڻيءَ تائين سڀئي آرٽسٽ هن واريءَ جي وطن جا اَنمول رتن آھن. هڪڙو اعليٰ آرٽ، هڪڙي خوبصورت خطاطي، هڪڙي ڪمال ڪيليگرافي ڏيپلي جي بزرگ اديب، ليکڪ ۽ خطاط سائين سومجي مل ڌاراڻيءَ جي هٿن جو حُسن آھي. انهيءَ ڪيليگرافيءَ ۾ ڪلاڪار فقط پنهنجو نالو لکيو آھي. پنجاھ کان مٿي نمونا آھن، پر نالو سڀني ۾ ساڳيو آھي “سومجي ڌاراڻي”…. ڪٿي گهاگهر جي گُلڪاريءَ ۾ نالو لکيو آھي، ته ڪٿي تنبوري جي تارن ۾ رنگ ڀريا اٿس، ڪٿي مور جي پرن ۾ پيار پويو آھي ته ڪٿي طوطي جي چهنب ۾ چِٽ چِٽيا آھن. ڪٿي ڏيئي ۾ نالي جا ڏيک ڏنا آھن ته ڪٿي جهرڪيءَ جي جهلملائيندڙ چهري سان نالي کي نروار ڪيو آھي. سومجي مَل ڌاراڻيءَ جي ڌُٻندڙ هٿڙن مان نڪتل هي اَلُوڪَڪ آرٽ مشيني آرٽ ناهي، هي آھي حقيقي هٿن جو آرٽ، هي آھي ڏاتار وٽان مليل ڏھوڻي ڏات جو روشن ڏيئو، هي آھي انسان جي ڪلا جي جلا.. هي اُھو آرٽ آھي، جنهن کي ڏسي اکيون ٿڌيون ٿي وڃن. هي اُھو آرٽ آھي، جنهن کي ڏسي ماڻهوءَ جي وات مان ازخود نڪريو وڃي واھ واھ! هي اهو آرٽ آھي، جيڪو ڪنهن ڪنهن جي قلب ۾ قسمت سان اُتپن ٿئي ٿو. هن آرٽ جي چيچ جهلي ماڻهو امرتا پائي سگهي ٿو. هن آرٽ کي ڏَسي ماڻهو رُٺل محبوبا کي پرچائي سگهي ٿو. هي اُھو آرٽ آھي، جيڪو ماڻهو ڪنهن بادشاھ کي تحفي ۾ ڏيئي اُن کان ڦاهيءَ جي سزا معاف ڪرائي سگهي ٿو. هي اهڙو آرٽ آھي، جيڪو ماڻهوءَ کي اتهاس جي اوچن پنن ۾ سدا حيات ڪري ڇڏي ٿو. سومجي مَل ڌاراڻي، جنهن جو اولاد اهو آرٽ ئي آھي. هن کي مالڪ مٽيءَ جي سير بدران ڏات جا گُل ارپيا آھن. اولاد ڪپوٽ به ٿي سگهي ٿو، پر هي فن سدا لئه سپوت ئي رهندو. ڪلا ڪڏھن به ڪِني نٿي ٿي سگهي. ڪلا هن کي جڳن لاءِ جيئدان ڏيئي ڇڏيندي..! توڙي جو سومجي هن وقت “ٻُڍا ٿيا ٻڙ ھٽيا” واري وهيءَ ۾ زندگيءَ جا پڇاڙڪا ڏينهن گُذاري رهيو آھي پر پوءِ به هُو پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن آھي، ڇاڪاڻ ته کيس پرھ جھڙي پڪ آھي ته هٿ جو هُنر ۽ لکڻ وارو آرٽ هن جو سپوت اولاد آھي. سومجي پنهنجي سموري زندگي ادب ۽ فن کي ارپي ڇڏي آھي. کيس ڪيئي ايوارڊ پڻ مليل آھن. هن وقت پاڻ ڏيپلي ۾ رهائش پذير آھي.

ذڪر ڏيپلي جو نڪتو آھي ته ڀلا احمد کٽيءَ جي آرٽ کي ڪيئن ٿا وساري سگهون؟ اھو احمد کَٽي، جيڪو ميمڻن جي ڇڏيل ويران وستيءَ جي وارثي ڪندي، اڄ به ان شهر جي اڌ جهريل اجهن ۾ قيام پذير آهي. رُکي سُکي روٽي کائيندي به هن ڪڏهن اها شڪايت ناهي ڪئي ته منهنجي ڏات جو ڪنهن قدر ناهي ڪيو. هُو پنهنجن جهونين جهوپڙين ۾ ويهي سرسوتيءَ جي سيوا ڪندي وِديا سان وفا ڪندو اچي. هُو اڄ به قلم کي ڪلا جي ‘روهيءَ’ تي سراڻ چاڙهيندي ‘خاتوبند’ جهڙي خطاطيءَ جو خوبصورت هنر هٿيڪو رکيو اچي. هن کي مڃتا جي ڪابه لوڙ يا لالچ ناهي. هُو پنهنجي پورهئي سان ائين سچو آهي، جيئن هڪ وفادار سپاهي پنهنجي وطن جي سرحدن سان سچو هوندو آهي. جيئن هڪ ماءُ پنهنجي اولاد سان محبت ڪندي آهي. هن حياتيءَ جي پنڌ ۾ مُڙي نهارڻ سدائين مِهڻو سمجهيو آهي. ان ڪري هُو اڄ به ساڳي محنت ۽ لڳاءَ سان مزدوري ڪندو اچي. توڙي جو حالتن ۽ وقت هن کي ڪيئي ڏک ۽ ڏنجهه به ڏنا آهن، پر هن هار مڃڻ سکيو ئي ناهي. “وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي” جي مُترادف هن سک چين تياڳي پنهنجي هنر سان هم ڪلام ٿي نت روز نيون شيون تخليق ڪيون آهن. هن جي پينٽنگس ڏسي لڳي ٿو ته هن شڪلين ۾ شاعري ڪئي آهي. هن اکرن ۾ هر عڪس چِٽيو آھي. حياتيءَ جا سمورا سُور تصويرن ۾ تحليل ڪري ڇڏيا آهن. هن ته پراڻي مندر ۾ ٻرندڙ ڏيئي جهڙي ڏيپلي شهر جي وارثي وڏي دل سان ڪئي آهي، پر هن ملير جي مٽيءَ مان ڪو اهڙو ڄائو آهي، جيڪو وڃي هن کان پڇُي ته تون زندگيءَ جي پڇاڙڪي ڏاڪي تي ڪيئن گذاري رهيو آهين؟ آهي ڪو اهڙو قدر شناس، جو پرائمري ماستر واري پينشن تي پنهنجي ٻچن کي پاريندڙ هن ڏات ڌڻيءَ جي وارثي ڪري ۽ هن جي ڪلاونتي دل کي اهو ڏڍ ڏياريندي چوي ته، “اي اسانجي وطن جا واهلا ڪوي! تون مايوس نه ٿي، تنهنجي هاتڪ هٿن جي پٽ ڪُنوار جهڙو پورهيو اسان جي اکين تي، اسين تنهنجي هٿن جي محنت کي دلين ۾ سمائي رکنداسين. اسين توکي تاريخ جي ورقن ۾ پيار جي پهرئين سبق وانگي پڪو ڪنداسين! سائين احمد کٽيءَ کي هن وقت بس اهڙي دلداريءَ جي ضرورت آهي، جيڪا هن جي عمر ۾ اضافو ڪري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته فنڪار سدائين محبتن جا گهرجائو هوندا آھن. انهن کي محبت ملي وئي ته سمجهو دنيا جو هر مقام ملي ويو. فنڪار محبتون ورهائيندا ۽ وصول ڪندا آهن .

سائين احمد جڏهن به ڪا خوبصورت خطاطي ڪندو آهي، تڏهن مختلف رنگن واري مَس پاڻ پنهنجن هٿن سان ٺاهيندو آهي. ان مَس ۾ هڪڙو اهڙو اعليٰ گڻ سمايل هوندو آهي، جو اُها مَس ڪهڙو به ڪاڙهو هجي ‘ڪينواس’ تان ڪڏهن به مِٽجي ناهي سگهندي. ان مَس کي دائميت هوندي آهي. احمد کٽي پنهنجي حياتيءَ ۾ هڪڙو اهڙو ڪارائتو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، جنهن جي جيتري ساراھ ڪجي، اوتري گهٽ آهي. هڪ اهڙو نادر نموني وارو قلمي نُسخو تحرير ڪيو آهي، جنهن کي ڏسي اکيون ته ڇا عقل به دنگ رهجيو وڃي. هن آسماني ڪتاب کي انڊلٺي رنگ سان ڪاغذ جي ڪينواس تي روپيو آهي. جي ها! هُن قران شريف جو قلمي نسخو پنهنجن هٿن سان لکيو آهي، جيڪو خطاطيءَ جو دنيا ۾ اعليٰ نمونو آهي. هن نُسخي ۾ هڪ 111 ڀيرا بسم الله لکيل آهي ۽ هر بسم الله مُنفرد انداز ۾ لکيل آهي، جيڪا ڏاڍي من موهيندڙ آهي، جنهن کي ڏسي ماڻهوءَ جي زبان مان ازخود نڪريو وڃي سبحان الله….! عربي لِپي ۾ لکيل هن اعليٰ شهپاري جو سنڌيءَ ۾ گڏ ترجمو به ڏنو اٿس. تمام خوبصورت رنگن ۾ روپيل هن قلمي نُسخي جو جوڳو قدر ٿيڻ کپي. اسان کي گهرجي ته اسين اهڙي آرٽ جي پذيرائي ڪريون. اهڙن بزرگ ڪلاڪارن جو جيئري قدر ڪريون، ۽ انهن کي اهو احساس ڏياريون ته اسين اوهان جي فن جا رکوالا آھيون. اسين اوهان جي فن کي اکين تي رکي اوهان جو وڏو قدر ڪريون ٿا.