ڳالهيون ڳنوارن جون … قديم ‘پاتال بندر’ ڪٿي واقع هو؟

0
88
ڳالهيون ڳنوارن جون ... قديم ‘پاتال بندر’ ڪٿي واقع هو؟

  نيل ڊيلٽا، گنگا ڊيلٽا ۽ سندر بن ڊيلٽا جي نقشي تي نظر ڦيرائي جڏهن انڊس ڊيلٽا جي نقشي تي اچون ٿا ته، اسان کي هڪ ناچ ڪندڙ مور جهڙي شڪل ۽ ڊول وارو ڊيلٽا نظر اچي ٿو. هي ڊيلٽا جو پراڻو نقشو آهي. ڊيلٽا جو نئون نقشو هٿ پکي جي ڊول وارو آهي، جنهن ۾ ڊيلٽا جي ڊيگهه 356 ڪلوميٽر ۽ ويڪر 50 ميل ڏيکاريل آهي. انڊس ڊيلٽا ۾ 17 وڏيون کاريون يا درياهه (Creeks)، 150 کان مٿي کاڏيون، نارون يا ڍورا موجود آهن. 300 کان مٿي ڪيٽين وارو هي ڊيلٽا پنهنجي منفرد ۽ شاندار مينگروو ايڪو سسٽم جي ڪري دنيا جي سڀني ڊيلٽائن ۾ نرالو ۽ يڪتا آهي. (انڊس ڊيلٽا جي مينگروو ايڪو سسٽم تي الڳ مضمون ڏبو.)

                 دنيا جي نقشي تي نظر ڦيرائڻ سان هن جي نهايت ئي اهم جاگرافيائي پوزيشن واضح نظر ايندي. هن سان ڀيچي سمنڊ انڊس ايمپائر جي دور ۾ سنڌي سمنڊ سڏيو ويندو هو. عربن جي دور کان اڳي لاڙي يا لاهري سمنڊ ۽ هاڻ عربي سمنڊ جي نالي سان دنيا جي نقشي تي نروار آهي.

                 دنيا جي شروعاتي دور کان جيڪي درياهه هن ۾ ڇوڙ ڪندا رهيا آهن، جاگرافيدانن ۽ جيالاجسٽن انهن جا هي نالا ڏسيا آهن: جمنا، سرسوتي، هاڪڙو يا واهندا، مهراڻ، سنڌ رود ۽ سنڌو درياهه وغيره. سڪندر مقدوني جي سنڌ تي ڪاهه کان وٺي اڄ تائين عالمن طرفان درياهن جا سئو ڇوڙ يا سامونڊي منهن ڏسيا ويا آهن. لڳ ڀڳ ايترا ئي بندرگاهه ۽ پتڻ ٺهندا ۽ اڄڙندا رهيا آهن. انٽرنيشنل سامونڊي روٽ جي ڪري، انهن بندرگاهن جي ذريعي، دنيا سان سنڌ ۽ ٻين اتر جي بد نصيب ملڪن، جن وٽ پنهنجو سامونڊي ڪنارو ڪونه هو، دنيا سان واپار هلندو هو. اپ ڪنٽري وارن انهن ديسن ۽ شهرن جو مال درياهن تان ٻيڙين وسيلي ڇوڙ تائين آندو ويندو هو، جتي آمدو رفت جي ڪري شهر ۽ بندرگاهه ٺهيل هوندا هئا. پوءِ اهو مال ڏيساور ايڪسپورٽ ٿيندو هو. اهڙي طرح ٻين ولايتن مان ايندڙ مال انهن ئي درياهن تان ٻيڙين وسيلي اپ ڪنٽري رواڻيو ويندو هو. دراوڙ ۽ ميد (ماڇي مهاڻا) مڙس ماڻهو ۽ وڏا واپاري، سيٺيا سوداگر هوندا هئا. انهن درياهن تي هزارين شهر، ڳوٺ، تڙ پتڻ اڏيل هوندا هئا. انهن تڙن پتڻن جي نشاندهي راورٽي پنهنجي ڪتاب مهراڻ آف سنڌ ۾ ڪئي آهي. سنڌ، پنجاب ۽ بهاولپور جي روينيو رڪارڊ، جيالاجيڪل سروي، جاگرافي ۽ تاريخ جي ڪتابن ۽ سفرنامن جي وسيع مطالعي سان اها ريسرچ اڳتي وڌائي سگهجي ٿي. ان تحقيق سان اهو معلوم ٿيندو ته هن ڀاڳڀري يا بدنصيب سنڌ جا ڪهڙا تڙ پتڻ، شهر ۽ بندر اڳي شاد ۽ آباد هئا؟ ڪهڙي سبب يا غفلت جي ڪري برباد ٿي هميشه لاءِ گم ٿي ويا.

درياهن جي رخ مٽائڻ ڪري هڪڙا شهر ڦٽي ويندا هئا ته وري ٻيا نوان شهر تعمير ٿي ويندا هئا. ان ساڳئي فطري فارمولا تحت هڪڙا بندرگاهه بند ٿي برباد ٿي ويندا هئا ته جلد نوان شهر ۽ بندرگاهه وجود ۾ اچي ويندا هئا. ملڪن جو هڪ ٻئي سان واپار خشڪي وارن واٽن تان اٺن، گڏهن، خچرن ۽ ڍڳن جي زريعي به هلندو هو پر سامونڊي روٽ سستو، سولو ۽ گهٽ تڪليف وارو سمجهيو ويندو هو. ڪنهن ملڪ جو ڪوبه سوداگر ٻيڙو ٺهرائي، ناکئا سکاڻ ۽ خلاصي ساڻ ڪري وڻج وهائي ٻيڙو ڀري هلي وڃي ڪنهن بندرگاهه تي لنگرانداز ٿيندو هو. واپاري سوداگر کان مال خريد ڪري بازار ۾ وڪرو ڪندا هئا. سوداگر وري ان ملڪ جي پروڊڪٽ خريد ڪري ٻيڙو ڀري وري اڳتي ڪنهن ٻئي بندرگاهه تي پهچندو هو. اهڙي طرح بازارون ملڪي توڙي غيرملڪي شين سان ڀريون پيون هونديون هيون. ٻيڙي يا غوراب جي لنگرانداز ٿيڻ جي خبر هلندي ئي واپاري بندرگاهه تي پهچي ويندا هئا. اهڙن وڻجارن، واپارين ۽ سوداگرن جا سربستا احوال ڀٽائي صاحب پنهنجي رسالي جي سر سريراڳ ۽ سامونڊي ۾ تفصيل سان بيان ڪيا آهن.

کوها ڪالهه کڻي، ان وڌا اتر آسري،

الا جهري مَ ان جي، اولي جي اڻي،

وڻجارن وڻي، وکر وڌو ٻيڙيين.

(لطيف)

سنڌ ڪوسٽ تي قديم زماني جي اهڙي هڪ عظيم الشان بندرگاهه جو ذڪر پراڻن ۾ به ڪيل آهي، جنهن کي ‘پاتال بندر‘ سڏيو ويندو هو. سڪندر مقدوني جي سنڌ تي ڪاهه (325 ق. م) واري زماني ۾ به اهو بندرگاهه موجود هو. ميجر جنرل هيگ لکي ٿو ته، “تبت (ٿٻيٽ) مان هڪ روايت ملي آهي ته سنڌو درياهه جي ڇوڙ وٽ پاتال (Potala) نالي وارو هڪ شهر يا بندرگاهه هو، اڪشنواڪو (Ixwaku) ڪل وارا انهيءَ پاتال بندر ۾ رهندا هئا، جيڪي سورج ونسي (Suryansa) لوڪن جا پوئنير هئا. ‘پاتال بندر’ درياهه جي ٻن ڇاڙهن جي وچ ۾ واقع هو. پٽالمي به ان علائقي جي نشاندهي ڪئي آهي. (انڊس ڊيلٽا ڪنٽري ص- 20) پٽالمي جي ٻڌايل نشانن مطابق گمان غالب آهي ته اهو ‘پاتال بندر’ جهرڪ، سونڊا يا پير پٺي جي مقام تي واقع ٿي سگهي ٿو. اسان جي راءِ ۾ پير پٺو وڌيڪ ڌيان لهڻي.

سائين ڀيرومل پنهنجي ڪتاب “قديم سنڌ” جي صفحي 169 ۽ 371 تي ‘پاتال بندر’ جو ذڪر ڪيو آهي. هو لکن ٿا، “قديم زماني ۾ ڪراچي ضلعي جي لاڙ ۾ پاتال نالي هڪ ناميارو بندر هو. سڪندر اعظم جي سنڌ تي ڪاهه وقت پاتال نهايت مشهور بندر هو، تنهن ڪري يوناني تاريخ نويسن ان جو ذڪر ڪيو آهي”. جرنل هيگ جو حوالو ڏيئي لکن ٿا، “حضرت سليمان عه جي وقت ۾ دنگيون ۽ جهاز سنڌو نديءَ جي ڇوڙ (پاتال بندر) وٽ اچي بيهندا هئا. سڪندر اعظم جو لشڪر سنڌ جي ململ سنڊن (Sindon) سوکڙي ڪري ساڻ کڻي ويو هو. بئبلونيا جي رهاڪن ۽ يهودين وٽان مصر جي ماڻهن کي سنڌ جي ململ جي سڌ پئي، ته اهي به سنڌ ملڪ سان وڻج واپار ڪرڻ لڳا”. منڪفرسن جي ڪتاب (Annals of Commerce) جي حوالي سان لکن ٿا ته، “مصر ملڪ جا جهاز پاتال بندر تائين ويندا هئا.” ميجر جرنل هيگ انگريز فوج جو اعلى عملدار هو. هن 1887ع ۾ پنهنجون يادگيريون لکيون، جڏهن هو سوئيٽزرلينڊ ۾ رهندو هو. انهن ۾ انڊس ڊيلٽا بابت اهم ڄاڻ ڏنل آهي.

Sketch of the Geography and Hydrography of the Delta Country

The Delta at the time of Alexander’s expedition

وارا هي مضمون پوءِ سندس ڪتاب The Indus Delta Country جو محرڪ بڻيا ۽ سندس اهو شاندار ڪتاب 1894ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو. ان ڪتاب ۾ ڏنل نقشي مطابق پاتال ٻيٽ سنڌو نديءَ جي اُلهندي شاخ ۽ اوڀر واري شاخ (هاڪڙو) جي وچ ۾ ڏيکاريل آهي. ان مان اهو وسهي سگهجي ٿو ته پاتال بندر به مذڪوره ٻيٽ تي مٿي ذڪر ڪيل ڪنهن جاءِ تي موجود هو. ميجر جنرل هيگ به وسهي ٿو ته، “لڳي ٿو ته پاتال بندر (Potala) سمنڊ ويجهو آرين جي ڪا آڳاٽي وسندي هئي”. (ص 20)

سنڌ جو هي قديم اهم بندرگاهه درياهه جي وڙ مٽائڻ يا ڪنهن ٻئي غيرمعمولي حادثي جي ڪري برباد ٿي هميشه جي لاءِ غائب ٿي ويو. اسان مان گهڻا ته ان جي نالي کان به واقف ڪونه آهن.