تباهه ٿيل امن ۽ سنڌ بدر ٿيل امن جو پکي

0
111
تباهه ٿيل امن ۽ سنڌ بدر ٿيل امن جو پکي

   سنڌ جو امن مڪمل تباھ ٿي ويو آهي, سنڌ جي شهرن ۾ امن جي بحالي لاءِ جسقم تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪنڌڪوٽ/ڪشمور، گهوٽڪي ضلعي صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جو پيادل مارچ ڪري حڪمرانن خلاف شهر جي مُک چوڪن تي تاريخي احتجاج ڪيا ويا آهن، ان کان سواءِ سنڌ ۾ امن جي بحالي لاءِ، لاقانونيت، بدامني، قبيلائي جهيڙن خلاف سول سوسائٽي سميت صحافين جون تنظيمون به جدوجهد جي عمل ۾ سرگرم آهن، سنڌ جي اُتر جي ضلعن گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، سکر، شڪارپور، جيڪب آباد ۾ ته ڌاڙيلن جو راڄ آهي. سج لهڻ سان شهرن ۾ راڪاس گهمي وڃي ٿو! شهرن ۽ ڳوٺن ۾ غير يقيني واري صورتحال آهي! ڌاڙيلن جي اصل بادشاهيءَ قائم ٿيل آهي! هي آساني سان ڪاروائي ڪري ٻيلن طرف نڪري وڃن ٿا. امن جي پکيءَ کي سنڌ بدر ڪرڻ لاءِ ڪير ذميوار آهي، ان صورتحال تي ڪجهه تفصيلي ڳالهايون ٿا.“ڌاڙيل” جي لغوي معني آهي ڌاڙائي، ڌاڙو هڻندڙ. سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي  ولرن ۽ ٽولن ۾ واڌ ويجھ ايوب ۽ ضياءُ جي دور حڪومت ۾ ٿي، جنهن جو پس منظر گهڻي ڀاڱي سماجي ناانصافين جو هجڻ ۽ ڀوتارن، وڏيرن جو طاقت ۾ هجڻ آهي! تنهن ڪري ڪو ڀوتار جي ناانصافين ۽ ڏاڍ ۽ جبر کان بيزار ٿي وڃي ڌاڙيل ٿيو ته ڪو وري پوليس جي نا انصافين کان بيزار ٿي ڀاڳيلو ٿي ڌاڙيل بڻيو! جڏهن ته گهڻي ڀاڱي ڀوتارن ۽ وڏيرن پنهنجي سياست ۾ رعب ۽ دٻدٻو پيدا ڪرڻ لاءِ ڌاڙيل پيدا ڪيا، جنهن ذريعي انهن هر مخالف يا هر پيسي واري ماڻهو کي کڻائي ڀُنگ ورتا پئي. جنهن ڪارڻ سنڌ جو امن مڪمل طور تي تباھ ٿي ويو هو. سنڌ جي اُتر جا شهر ۽ ڳوٺ ته ڌاڙيلن اُجاڙي ڇڏيا هئا، هر وقت خوف ۽ ڊپ جو ماحول موجود رهندو هو! گهڻي ڀاڱي ڳوٺ ڇڏي ماڻهو اچي شهرن ۾ آباد ٿيا، پر اُتي به محفوظ نه رهي سگهيا، جڏهن ته ان دور ۾ ڌاڙيلن جي ڌاڙيواليءَ کي سورھيائي ۽ بهادري جو نالو ڏئي واکاڻيو پئي ويو، جيڪا هڪ خطرناڪ نفسيات هُئي! ڌاڙيلن تي فلمون، ڊراما، ڪهاڻيون، شاعري ٿيڻ لڳي، جنهن سبب اڃان به وڌيڪ ڌاڙيل پيدا ٿيڻ لڳا..! اهو سڀ سوچيل سمجهيل سازش تحت ٿي رهيو هو! ڌاڙيل پرو چانڊيو جڏهن مارجي ويو ته ان جي مٿان هزارين کان وڌيڪ اجرڪ پيا، جڏهن پرو تي فلم ٺاهي وئي ته ان وقت اها فلم سڄي سنڌ جي سئنيمائن تي هٽ وئي! لوڪ فنڪار روشن جلال چوندو آهي ته ڌاڙيل جي ڇتي دور ۾ مان جڏهن هڪ پروڊڪشن ڪمپنيءَ ۾ ڪيسٽ لاءِ ويس ته ان وقت جي مشهور ڌاڙيلن جي نالن وارو  ڪلام “ڌاڙيل هجان پريل هجان، گوهر هجان مان توکي کڻي جبل سُهڻا جبل وڃان مان” ان ڪميٽي کي ڳائي ٻڌايو ته ڪمپني مونکي هڪ دم ‘اپروول’ ڏيندي هڪ لک ۾ ست ڪيسٽن لاءِ ايگريمينٽ ڪري ڇڏيو! ان دور ۾ لک جي وڏي اهميت هوندي هُئي! چوڻ جو مطلب ته ان دور ۾ ڌاڙيلن جون ڪهاڻيون، ڊراما ۽ فلمون به ڪامياب ٿيڻ لڳيون، پر هن جديد دور ۾ ائين ناهي، هاڻي ڌاڙيل کي ننديو ٿو وڃي، ان کي خراب سمجهيو وڃي ٿو. اڄ جيڪڏھن ڌاڙيل کي ڪير پسند ڪري ٿو يا پالي ٿو ته اهو سنڌ جو  ڀوتار، سردار وڏيرو ئي آهي! ڌاڙيل جي هاڻي محفوظ پناھ گاھ ٻيلو ناهي پر انهن جون اوطاقون آهن! سنڌ جي ڪلاسيڪل ڪهاڻيڪار امر جليل جي هڪ ڪهاڻي ياد پئي ٿي، جيڪا ڌاڙيلن جي حوالي سان لکيل آهي! گهڻي ڀاڱي جڏهن حيدرآباد، مٽياري جي بدنام ڌاڙيل محب شيدي کي پوليس ڪوڙو مقابلو ڪري ماريو هو ته هي ڪهاڻي تنهن دور جي حالتن تي مبني هُئي! ان ڪهاڻي جو اهو جملو ته “ڪو به ڌاڙيل ڀوتارن جي مرضيءَ کان سواءِ نه جيئي سگهندو آهي ۽ نه ئي مري سگهندو آهي”، اڄ جي حالتن ۾ به اهو ساڳو جملو گونجي رهيو آهي! هن جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ جهنگ ۾ ڌاڙيل اغوا ٿيل مغوين جون وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي هلائي سندن وارثن کان ڀُنگ گُهرن ٿا پر سرڪار وٽ امن امان قائم رکڻ لاءِ اربين روپين جي بجيٽ، سهولتون هجڻ باوجود پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڌاڙيلن تائين نٿا پهچي سگهجن! معصوم سمرت ڪمار کي اغوا ڪيو ويو. سندس وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا هلائي وئي. جنهن تي گڏيل نموني هڪ آواز ٿي سوشل ميڊيا تي سمرت ڪمار جي بازيابي لاءِ لکيو ويو، آواز بلند ڪيو ويو، جدوجهد ڪئي وئي. جسقم پيادل مارچ جو سڏ ڏنو، پوءِ ڏٺوسين ته هڪ فلمي سين وانگي سمرت کي پوليس آفيسر پنهنجي ڪڇ تي کڻي ظاهر ٿيو ۽ ان کي سندس امڙ جي ڪڇ تائين پهچايو ويو. واھ واھ ٿي وئي، جشن شروع ٿي ويو، پر سمرت جي آزادي واري خوشي ۾ هي سوال ڪرڻ کان رهجي ويا ته سمرت ڪنهن وٽ هو..؟ هن معصوم کي ڪنهن اغوا ڪيو هو..؟ سمرت ته ملي ويو سمرت کي اغوا ڪندڙ ڪٿي آهن..؟ اهي سڀ سوال رهجي ويا هئا. سمرت، پوليس آفيسر جي ڪڇ مان امڙ جي ڪڇ تائين ته پهتو پر سنڌ اڃان تائين انهن سوالن جي جوابن تائين نه پهچي سگهي! پر ان  سڀني سوالن جو جواب مون وٽ اهو ساڳو امر جليل جي ڪهاڻي وارو جملو آهي ته، “ڪو به ڌاڙيل ڀوتارن جي مرضيءَ کان سواءِ نه جيئي سگهندو آهي ۽ نه ئي مري سگهندو آهي.” سمرت جي آزادي جو ٻڌي سکر مان اغوا ٿيل معصوم پريا ڪماري جي امڙ دانهون ڪندي ميڊيا تي ظاهر ٿي ته سمرت ڪمار آزاد ٿي سگهي ٿو ته منهنجي نياڻي پريا ڪماري ڇو نٿي ظاهر ٿي سگهي! ڇا مان هڪ امڙ ناهيان..! سندس اهڙين درد ڀرين ڳالهين اهو دٻيل معاملو منظر عام تي آڻي ڇڏيو آهي، پريا ڪماري کي اغوا ٿئي 23 مهينا ٿي ويا آهن. سندس معاملي تي ايتري دير تائين حڪومت ته خاموش رهي ئي رهي پر پنچائت جا اڳواڻ ڇو خاموش رهيا آهن؟ ڇا هي غريب گهراڻي جي نياڻي هُئي تڏهن! يا هي ڪنهن دٻاءُ ۾ رهيا آهن! سکر پريس ڪلب ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ پريا جي والد راج ڪمار چيو ته مان حڪومت جي نمائيندن سيد خورشيد شاھ، سيد ناصر شاھ جي درن تي ويو آهيان پر منهنجي پريا کي ڪير به واپس نٿو ڪرائي! پوليس جا آفيسر اچن ٿا رڳو ڳالهيون ڪري هليا وڃن ٿا، جڏهن ته ڪنڌڪوٽ مان معصوم عظيم مڻڪ اغوا ٿيل آهي، راڻي پور مان معصوم جعفر ڀٽو اغوا ٿيل آهي، ميرپور ماٿيلي مان معصوم آفتاب چوهاڻ اغوا ٿيل آهي، جنهن جو ڀنگ ڌاڙيلن ڏيڍ ڪروڙ گُهريو آهي. ڪنڌڪوٽ مان معصوم احسن شيخ به ڌاڙيلن وٽ آهي، ڪنڌڪوٽ مان معصوم فرحان سومرو هفتو اڳ اغوا ڪيو ويو هو، جنهن جي تازي ڌاڙيلن وڊيو وائرل ڪئي آهي، جنهن ۾ معصوم ٻارڙي کي جهنگ ۾ رسن سان ٻڌل ڏيکاريو ويو آهي. ٻه ڏينهن اڳ وري ڌاڙيل هڪ ٻئي معصوم جئي ديپ ڪمار کي پنهنجي والد جگديش ڪمار سميت آساني سان اغوا ڪري ٻيلي ۾ کڻي هليا ويا،اهڙي سنگين صورتحال تي سوال اهو آهي ته پوليس ڇا ڪري رهي آهي؟ سنڌ ۾ امن امان لاءِ رکيل اربين رپين جي بجيٽ ڪيئن خرچ ٿئي ٿي! امن امان لاءِ رکيل گذريل سال جي بجيٽ مان بچي ويل بجيٽ لاءِ ڪهڙا هٿ ناٽ جوڙا ويا..! حڪمرانن نئين بجيٽ پيش ڪرڻ کان پهرين گذريل سال سنڌ ۾ رکيل امن امان جي بجيٽ ۾ رهيل ڪروڙين رپين جي بجيٽ پوليس ۾ پنهنجي دادلن آفيسرن جي معرفت “آپريشن” جي نالي ۾ گولين جي استعمال، تيل ۽ ماني، پاڻي جي ڪوڙن پيپرن ۾ وڏي مهارت سان ٿورو گهڻو جهنگ ۾ چرپر ڪري امن امان جي بجيٽ هڙپ ٿي وئي. ڪنڌڪوٽ ۾ قتل ٿيل پروفيسر اجمل ساوند ۽ ٺل ۾ قتل ٿيل صدام لاشاري جا قاتل به پڪڙ کان آجا آهن. سردار ۽ ڀوتار راڄوڻي لاءِ پٽڪا پائي نڪري پيا آهن. ڪو به داد فرياد ناهي. پوليس ٿاڻا گهاڻا بڻجي ويا آهن، ٿاڻن تي ايف آءِ آر جو ريٽ مقرر ڪيو ويو آهي، پوليس جي ڪا به تربيت ناهي. هي ماڻهن جي محافظ ٿيڻ بدران ماڻهن مٿان نفسياتي رعب تاب ڪرڻ ۾ پورا آهن. سڄي سنڌ ۾ منشيات، جوا، ڪرائيم پوليس جي سرپرستي ۾ هلائڻ جون خبرون آهن. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏھن واقعي ئي حڪومت سنڌ ۾ امن امان بحال ڪرڻ چاهي ٿي ته هيٺ ڄاڻايل ڳالهين تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي:

(1)  سڀ کان پهرين پوليس ۾ موجود ڪارين رڍين کي نيڪالي ڏني وڃي يا سندس ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ آخري وارننگ نوٽيس ڏنو وڃي.

(2)  ٻيو پوليس جي نفسياتي تربيت ڪئي وڃي، جيئن هنن ۾ ماڻهن کي امن، عزت، تحفظ ڏيڻ جو جذبو پيدا ٿي سگهي.

(3)  پوليس مان سياسي مداخلت ختم ڪئي وڃي، پوليس کي ڪنهن ڀوتار، سردار جو غلام نه بڻايو وڃي.

(4)  پوليس ڊپارٽمينٽ جي پگهارن کي وڌايو وڃي، گهٽ ۾ گهٽ پنجاب پوليس جي برابر سنڌ پوليس جي پگهار ڪئي وڃي.(5)  امن امان جي لاءِ رکيل بجيٽ ايمانداري سان امن امان تي استعمال ٿيڻ گهرجي.

[email protected]