ڏير زيادتي ڪندو هو، شڪايت تي مڙس تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو:ميرپور خاص واسڻ

0
283
سال 2022 ۾ پاڪستان اندر ٻارڙن تي ظلم ۽ زيادتين جا 4هزار 253 ڪيس  رپورٽ ٿيا:سماجي تنظيم
سال 2022 ۾ پاڪستان اندر ٻارڙن تي ظلم ۽ زيادتين جا 4هزار 253 ڪيس  رپورٽ ٿيا:سماجي تنظيم

ميرپورخاص(ن پ ا) ٽي مهينا پهرين مائٽن هرچند ڪولهي سان شادي ڪرائي جتي مسلسل ڏير هري ڪولهي شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي لڄالٽ جو نشانو بڻايو، مڙس کي اهڙي شڪايت ڪرڻ تي مڙس ۽ ڏير پاران وحشياڻو تشدد ڪري گهران بي دخل ڪري ڇڏيو، اهڙو اظهار ميرپورخاص جي علائقي هاشم نگر واسي انيتا ڪولهي پنهجي ڀاءَ ڀيمون ڪولهي سان گڏ مڙس ۽ ڏير جي زيادتين خلاف صحافين اڳيان دانهيندي ڪيو، شريمتي انيتا ڪولهي ٻڌايو ته ٽي مهينا پهرين مائٽن هرچند ڪولهي سان شادي ڪرائي، منهجو وڏو ڏير شراب جو موالي آهي جنهن پاران ڪيترائي ڀيرا مڙس جي غير موجودگي ۾ شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي زوري جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، جڏهن ته ٽي ڏينهن پهرين ڏير جي اهڙي عمل خلاف مڙس کي شڪايت ڪئي ته مڙس ۽ ڏير مڇرجي ڪمري ۾ بند ڪري ڪپڙن کان آجو ڪري وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو جنهن بعد مائٽن پاران ڏاج ۾ ڏنل چوپايو مال سون ۽ چاندي جا زيور ڦري گهران بي دخل ڪري ڇڏيو، هن چيو آهي ته شڪايت يا دانهن ڏيڻ جي صورت ۾ مڙس ۽ ڏير پاران تيزاب هاري ساڙڻ ، مائٽن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ سميت موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن جنهن ڪري اسان خوف سبب دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور بڻيل آهيون، عورت جي ڀاءُ ڀيمون چيو ته ڀيڻ سان ظلم ٿيو آهي حد جي پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري جيڪا سراسر زيادتي آهي عورت ۽ سندس ڀاءُ آءِ جي سنڌ ۽ اعليٰ اختارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽس وٺي ڄاڻايل ماڻهن خلاف فوري طور ڪيس داخل ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.