ڏاھلي (رپورٽ: سومار راھمون) ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ نيٻلو ۾ رڌپچاءَ دوران راهمان برادريءَ جي گهرن کي خوفناڪ باھ وڪوڙي وئي، نتيجي ۾ صديق، خميسو، مير حسن، مشتاق، عمر، نواب، قاسم، مجنون، نظرالله راھمون سميت 12 غريب پورهيتن جا ڪکاوان اجھا گهريلو سامان سميت سڙي رک ٿي ويا. اوچتي باھ لڳڻ سبب گهرن اندر پيل کٽون، بسترا، کاڌي پيتي جو سامان، ڪپڙا، روڪ رقم ۽ زيورن سميت الھه تلھه سڙي خاڪ ٿي ويو. باھ متاثر هنجون هاريندي صحافين کي ٻڌايو تي باھ لڳڻ واري واقعي جو فوري طور اطلاع کيمي جو پار ٽائون ڪاميٽي کي ڏنو ويو پر وقت سر فائر برگيڊ عملو نه پهچڻ سبب وڏو نقصان ٿيو آهي. متاثرن وڌيڪ ٻڌايو ته سڄي زندگيءَ جي ڪمائي سڙي رک ٿي وئي آهي، رمضان شريف جي ڀلاري مھيني ۽ سخت گرمي جي موسم ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون. هنن ضلعي انتظاميا سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته هنگامي بنيادن تي مدد ڪئي وڃي. ياد رهي ته ڏاهلي ۾ ڏيڍ مهيني دوران مختلف ڳوٺن ۾ باھ جي 10 واقعن ۾ 130 کان وڌيڪ گهر سڙي ويا آهن پر متاثرن جي سرڪاري سطح تي ڪابه واهر نه ٿي سگهي آهي.