مانجھند(ن پ ا) مانجھند ڀرسان انڊس ھاءِ وي تي ھوٽل مان موبائل فون ۽ پيسا چوري ڪندڙ چور پڪڙجي پيو، منظورآباد ڀرسان انڊس ھاءِ تي موجود عبدالوھاب ھوٽل تي ھڪ چور پاران 2 موبائل ۽ پيسا ڪائونٽر مان چوري ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ت ھوٽل تي ڪم ڪندڙ مزدورن کيس سوگھو ڪري کيسي مان چوري ٿيل 2 موبائل ۽ پيسا هٿ ڪيا، جنهن بعد مزدورن چور کي کاڻوٺ پوليس حوالي ڪيو. ذريعن موجب کاڻوٺ پوليس وڏيري جي چوڻ تي مبينا رشوت عيوض چور کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ واقعي جو ڪوب ڪيس داخل نھ ڪيو.