ڍورونارو (ن پ ا) ڍورونارو ۾ ٻوڏ متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي چتون ڀيل، مير خان ڀيل، دوست علي مڱڻهار، فيض سولنگي ۽ ٻين الزام لڳائيندي چيو ته ڊي سي عمرڪوٽ پاران موڪليل ٻوڏ متاثرن لاءِ ٽينٽ ۽ راشن جو سامان اي سي عمرڪوٽ ۽ مختيار ڪار متاثرن ۾ ورھائڻ بدران پنهنجي من پسند ماڻهن ۽ سرڪاري ملازمن ۾ ورھائي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته چوماسي جي برساتن سبب گهر ڪري پٽ پئجي ويا آهن، فصل ٻڏي ويا آهن، ڀٽن تي پنهنجا معصوم ٻارڙا وٺي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سهائتا ڪئي وڃي،