سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي يوسي 9 جي چونڊيل پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواست داخل، سکر ميونسپل ڪارپوريشن مڪي شاهه ٽائون جي يونين ڪاميٽي 9 نئون ڳوٺ سکر مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي چونڊيل چيئرمين ذاڪر بنڌاڻي جي ڪاميابي خلاف پ پ اميدوار پاران اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. پ پ اميدوار عامر عمر ٻنڌاڻي، عبدالمنان بنڌاڻي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته اسان جي سامهون ووٽن جي ڳڻپ ناهي ڪئي وئي، پولنگ ايجنٽن کي ٻاهر ڪڍي ڌانڌلي ڪئي وئي ۽ پي ٽي آءِ اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. درخواست گذار ٽريبونل کان استدعا ڪئي آهي ته ڪامياب قرار ڏنل اميدوارن کي حلف وٺڻ کان روڪيو وڃي. اليڪشن ٽربيونل درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ڌرين ڏانهن نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.