نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيوسعيدآباد پوليس ڳوٺ خان محمد اڄڻ ويجھو زميندار شھزادو اڄڻ جي زرعي زمين تي ڇاپو ھڻي باندي بڻيل  ڀيل برادري سان تعلق رکندڙ 4 عورتن ۽ 6 ٻارن سميت 15 ڄڻن کي بازياب ڪرائي ورتو، بازياب ٿيلن ۾  حڪيما، مينا، فريا، سرما، موميا،  ڦاپو، سريش، ڦوٽو جمعو، سليم سرائي ۽ ٻيا شامل آهن، پوليس بازياب ڪرايلن کي   ھالا جي ايڊيشنل سيشن جج جي جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت بيان بعد ڳوٺاڻن کي  پنھنجي مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.